15 ہفتہ , دسمبر 2018

شهريار آفريدي شهيد طاهر داوڙ جي نياڻي سمجهي غلط تصوير ٽوئيٽ ڪري ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ممڪلتي گهرو وزير شهريار آفريدي هريپور جي پوليس آفيسر جي نياڻيءَ جي تصوير شهيد ايس پي طاهر داوڙ جي نياڻيءَ جي سمجهي ٽوئيٽ ڪري ڇڏي.  سوشل ميڊيا تي پوليس يونيفارم ۾ هڪ نينگريءَ جي تصوير تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي جنهن بابت چيو پيو وڃي ته اها شهيد ايس پي طاهر داوڙ جي باهمت نياڻي آهي  پر اها شهيد داوڙ جي نياڻي ناهي. شهريار آفريدي به تصديق ڪيل سماجي رابطي جي سائيٽ ٽوئيٽر تي اهائي تصوير شيئر ڪري ڇڏي. پنهنجي بيان ۾ شهريار آفريدي چيو ته هو شهيد ايس پي طاهر داوڙ جي نياڻي فاطمه جي همت جي تعريف ڪري ٿو.ممڪلتي وزير شهيد ايس پي طاهر داوڙ جي تصوير سان پوليس يونيفارم ۾ جنهن نينگري جي تصوير شيئر ڪئي اها هريپور پوليس جي هڪ آفيسر جي نياڻي آهي، جنهن جي درستگي هڪ پوليس آفيسر شهريار آفريدي جي ٽوئيٽ جي جواب ۾ به ڪئي آهي. شهيد ايس پي طاهر داوڙ کي 16 آڪٽوبر تي اسلام آباد مان اغوا ڪيو ويو جنهن بعد سندس لاش افغانستان مان مليو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهرو وزارت زلفي بخاري جو نالو اي سي ايل مان ڪڍي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت وزير اعظم جي سمنڊ پار پاڪستانين بابت خاص مددگار زلفي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے