17 اتوار , فروری 2019

محمود الرشيد جي پٽ تي ڪيس داخل ڪرائيندڙ 3 اهلڪار گرفتار

لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پنجاب جي هائوسنگ واري وزير ميان محمود الرشيد جي پٽ خلاف ڪيس داخل ڪرائيندڙ ٽن اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪري کين گرفتار ڪيو ويو آهي. پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس ڊي آءِ جي جاچ جي حڪم تي اي ايس پي گلبرگ جي جاچ کانپوءِ داخل ڪيو ويو جنهن ۾ 155 سي ۽ 382 شقون شامل ڪيون ويون آهن،  جڏهن ته ڪيس ۾ پوليس اهلڪار نديم اقبال، عثمان مشتاق ۽ عثمان سعيد کي نامزد ڪيو ويو آهي. ايف آءِ آر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته اهلڪار ڊيوٽي دوران جوڙن کان رقم کسڻ، فوٽيجز ٺاهڻ، جوابدارن جي وڊيو ٺاهي بليڪ ميل ڪندا، رقم وٺندا ۽ تشدد جو نشانو بڻائيندا هئا، جوابدارن علي مصطفيٰ ۽ فضا جميل تي تشدد ڪيو ۽ 2 هزار رپيه ڦر ڪيا، جوابدارن واردات کانپوءِ جوڙي کي اي ٽي ايم مان 50 هزار رپيه ڪڍرائڻ لاءِ دٻاءُ وڌو، پوليس موجب ٽنهي اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وزير اعظم جو گرفتاري تي نوٽيس….

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان نيب طرفان ڊائريڪٽر آرڪيالاجي خيبرپختونخواهه ڊاڪٽر عبدالصمد جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے