15 ہفتہ , دسمبر 2018

آمريڪا سان لاڳاپن جي قيمت پنهنجي رت سان چڪائي رهيا آهيون: خواجه آصف  

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي بچاءَ واري وزير ۽ مسلم ليگ ن اڳواڻ خواجه آصف چيو آهي ته اسان آمريڪا لاءِ جيڪو ڪجهه ڪيو تنهن جي قيمت هن وقت تائين پنهنجي رت سان چڪائي  رهيا آهيون، ايتري تائين جو آمريڪا جي مفادن لاءِ  پنهنجي مذهب ۾ نوان فرقا به ايجاد ڪيا. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي بيان تي رد عمل ظاهر ڪندي خواجه آصف چيو ته  اسان آمريڪا لاءِ جيڪو ڪجهه ڪيو تنهن جو بدلو اڃا تائين پنهنجي رت سان چڪائي رهيا آهيون. هن چيو ته  آمريڪا لاءِ اسان بڊ بير جهڙيون جنگيون وڙهيون جيڪي اسان جون نه هيون، آمريڪا لاءِ اسان نوان فرقا ايجاد ڪيا، ايتري تائين جو آمريڪا لاءِ پنهنجي رواداري تي ٻڌل قدرن کي تباهه ڪري اسان عدم رواداري آندي. خواجه آصف چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا بي وفائين ۽ پابندين تي ٻڌل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آصف زرداري سان اختر مينگل جي ملاقات، سياسي صورتحال تي ڳالهيون

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے