15 ہفتہ , دسمبر 2018

اسد شفيق جون ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ چار هزار رنسون مڪمل

 Shafiq chalks up 4,000 runs as Pakistan eyes victoryابوظهبي (اسپورٽس نيوز) قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي ڀلوڙ بيٽسمين اسد شفيق ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 4 هزار رنسون مڪمل ڪري ورتيون. اسد شفيق ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ 4 هزار رنسون ٺاهيندڙ 11 هون پاڪستاني بيٽسمين بڻجي ويو. هن اهڙو اعزاز ابوظهبي جي شيخ زيد ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ ڪيوي خلاف جاري پهرين ٽيسٽ ميچ جي چوٿين ڏينهن جي اننگز دوران حاصل ڪيو، 28 ورهين جي مڊل آرڊر بيٽسمين چار هزار رنسون مڪمل ڪرڻ لاءِ 63 ميچن ۽ 106 اننگز جو سهارو ورتو. ان کان اڳ سعيد انور، مدثر نظر، ظهيرعباس، مصباح الحق، اظهر علي، سليم ملڪ، محمد يوسف، انضمام الحق، جاويد ميانداد ۽ يونس خان پاڪستان لاءِ اهڙو ڪارنامو انجام ڏئي چڪا آهن. واضح رهي ته پاڪستان طرفان ٽيسٽ ڪرڪيٽ جي تاريخ سڀ کان وڌيڪ 10099 رنسون ٺاهڻ جو اعزاز عظيم بيٽسمين يونس خان کي حاصل آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آصف زرداري سان اختر مينگل جي ملاقات، سياسي صورتحال تي ڳالهيون

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے