23 ہفتہ , فروری 2019

چين ۾ پاڪستاني شاگرد جي موت جي جعلي وڊيو جي ترديد

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پرڏيهي ترجمان ڊاڪٽر فيصل چين ۾ پاڪستاني شاگرد جي موت تي وضاحتي بيان جاري ڪري ڇڏيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڊاڪٽر فيصل طرفان جاري ڪيل وضاحتي بيان ۾ چيو ويو آهي ته سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو شاگرد اساما احمد خان جي ناهي، تنهن ڪري واقعي تي جعلي خبرون پکيڙڻ کان پاسو ڪيو وڃي، اساما جو مڙهه آڻڻ لاءِ پاڪستاني سفارتخانو لاڳاپيل اختيارين سان رابطي ۾ آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اساما خان جو مڙهه ليوننگ کان بيجنگ آندو ويو آهي جيڪو اڄ رات پاڪستان آندو ويندو، فوتي چين جي صوبي ليوننگ جي شهر شنيانگ جي جيان زور يونيورسٽيءَ جو شاگرد هو، جنهن آپگهات ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آرمي چيف جو لائن آف ڪنٽرول جو دورو

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه لائن آف ڪنٽرول جو دورو ڪري پاڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے