11 منگل , دسمبر 2018

آشيانه هائوسنگ اسڪيم ڪيس: نيب کي درست نموني ڪم ڪرڻ جي هدايت

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) آشيانه هائوسنگ سوسائٽي ڪيس جي ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ قومي احتساب بيورو کي تنبيهه ڪئي ته نيب وارو ٺيڪ نموني ڪم ڪيو، هي اهم ڪيس آهي. جسٽس عظمت سعيد جي سربراهيءَ ۾ 3 رڪني بئنچ آشيانه هائوسنگ سوسائٽي ڪيس جي جوابدارن منير ضياءَ ۽ امتياز حيدر  طرفان داخل ڪيل ضمانت جي درخواست جي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي شروع ٿي ته جوابدارن جي مددگار وڪيل عدالت کي آگاهه ڪيو ته جوابدار منير ضياءَ جي وڪيل اعظم  نذير تارڙ سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽريءَ ۾ مصروف آهي ۽ تنهن ڪري ڪيس جي ٻڌڻي ٽن ڏينهن لاءِ ملتوي ڪئي وڃي. ان موقعي تي جسٽس عظمت سعيد نيب جي وڪيل کان پڇاڻو ڪيو ته هي ڪيس اصل ۾ ڇا آهي، جنهن تي نيب جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جوابدارن آشيانه هائوسنگ اسڪيم ۾ قومي ناڻي کي نقصان پهچايو،  نيب جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته  جوابدارن آشيانه هائوسنگ اسڪيم ۾ قومي ناڻي کي نقصان پهچايو، ٺيڪو ڪنهن ٻئي ڪمپني کي ملڻو هو پر ڪاسا نالي ڪمپني کي ڏنو ويو. جسٽس عظمت سعيد پڇاڻو ڪيو ته ڇا نيب ڪاسا وارن کي پڪتو نه، جنهن تي نيب جي جاچ آفيسر چيو ته ڪاسا بنيادي طور ٽن ڪمپنين جو جوائنٽ وينچر آهي پر 6 جوابدارن خلاف عبوري ريفرنس داخل ڪيو ويو آهي. جاچ آفيسر چيو ته ڪيس ۾ شهباز شريف ۽ فواد حسن فواد کي گرفتار ڪري جاچ ڪئي وئي، آخري ريفرنس بعد ۾ آندو ويندو. جسٽس عظمت سعيد چيو ته ڪاسا ٽن ڪمپنين جو جوائنٽ وينچر آهي ته رڳو 6 جوابدار ڪئين گرفتار ٿيا،  نيب وارا درست نموني ڪم ڪيو. جج پڇاڻو ڪيو ته ڪيس جي مرڪزي جوابدار ضمانت لاءِ سپريم ڪورٽ سان رابطو ڪيو، جنهن تي نيب جي جاچ آفيسر ٻڌايو ته جوابدار احد چيما جي درخواست اڃا تائين سپريم ڪورٽ ۾ نه آئي آهي. جسٽس عظمت سعيد رمارڪس ڏيندي چيو ته اهم ڪيس آهي، نيب طريقي سان جاچ ڪري، وڪيل نه هئڻ سبب اڄ ڪو فيصلو نه ڪري رهيا آهيون.سپريم ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 29 نومبر تائين متلوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيب ڪي پي جي وڏي وزير محمود خان کي 17 ڊسمبر تي گهرائي ورتو

پشاور (ويب ڊيسڪ) نيب مالم جبا ايراضي ليز تي ڏيڻ واري معاملي تي خيبر پختونخواهه …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے