13 جمعرات , دسمبر 2018

پيرا گون سٽي اسڪينڊل: قيصر امين بٽ 15 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب حوالي

لاهور(ويب ڊيسڪ) لاهور جي احتساب عدالت پيراگون سٽي جي ڊائريڪٽر قيصر امين بٽ کي 14 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي نيب جي حوالي ڪري ڇڏيو آهي،  لاهور احتساب جي عدالت ۾ نيب طرفان قيصر امين بٽ کي جسماني رمانڊ لاءِ پيش ڪيو ويو هو جڏهن ته عدالت جي جج سيد نجم الحسن ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، نيب پراسيڪيوٽر وارث علي جنجوعا عدالت کي ٻڌايو ته قيصر امين بٽ پيرا گون هائوسنگ سوسائٽي جو ڊائريڪٽر  رهيو جنهن نديم ضياءَ سان گڏ ملي ڪري ايل ڊي اي کان منظور نه ڪرايو، وارث جنجوعا طرفان ٻڌايو ويو ته نديم ضياءَ جيڪو پيرا گون جي ڊائرريڪٽر آهي هو پنهنجي  ڌيءَ ۽ خاندان جي ٻين فردن جي اڪائونٽن ۾ سڌو سئون پئسا موڪليندو آهي، عدالت کي ٻڌايو ويو ته 7000 ڪينال هر گز منظور ناهن ، نيب طرفان ٻڌايو ويو ته جوابدران کي سکر مان 16 نومبر گرفتار ڪيو ويو ۽ 18 تاريخ تي جاچ جي شروعات ڪئي وئي، نيب پراسيڪيوٽر طرفان قيصر امين بٽ کي 15 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي درخواست ڪئي وئي جنهن کي منظور ڪيو ويو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يمن ۾ 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو مارجي چڪا

صنعا (ويب ڊيسڪ) يمن ۾ جاري گهرو ويڙهه سبب 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو پنهنجون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے