11 منگل , دسمبر 2018

خبر ناهي نئون پاڪستان ٺهندو به الائي نه؟ چيف جسٽس

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ثاقب نثار راوي درياءَ ۾ گندو پاڻي وجهڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران رمارڪس ڏيندي چيو ته خبر ناهي ته نئون پاڪستان ٺهندو به الائي نه.چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بئنچ راوي درياءَ ۾ گندو پاڻي وجهڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي. عدالتي حڪم تي منصوبابندي وارو وزير محمود الرشي عدالت ۾ پيش ٿيو. چيف جسٽس ثاقب نثار رمارڪس ڏيندي چيو ته سموري شهر جو گندو پاڻي راوي درياءَ ۾ وڌو پيو وڃي، اڄ تائين واٽر فلٽريشن جو ڪم ئي نه ٿيو آهي، اهو ڪم ڪنهن کي ڪرڻو آهي.هن چيو ته رشيد صاحب پنجاب ۾ ڪنهن جي حڪومت آهي، جنهن تي محمود الرشيد رمارڪس ڏيندي چيو ته تحريڪ انصاف، نئين پاڪستان جي آهي. چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته خبر ناهي نئون پاڪستان ٺهندو الاهي نه؟ چيف جسٽس چيو ته محمود الرشيد صاحب ڪجهه نه ڪجهه ڪيو، اهو اهم معاملو آهي، هڪ ڪميٽي ٺاهيو ۽ رپورٽ ڏيو، هڪ هفتي ۾ واٽر فلٽريشن بابت رپورٽ پيش ڪيو. عدالت هڪ هفتي تائين رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهر ڊاهڻ لاءِ نه چيو آهي، حددخلين خلاف ڪارروائي جاري رهندي: سپريم ڪورٽ

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) چيف جسٽس ميان ثاقب نثار چيو آهي ته اسان ڪراچيءَ ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے