11 منگل , دسمبر 2018

جي آءِ ٽي اعظم سواتي ۽ ملازمن کي جهيڙي جو ذميوار قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) آءِ جي اسلام آباد بدلي ڪيس ۾ جي آءِ ٽي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي وئي آهي. رپورٽ ۾ اعظم سواتي ۽ سندس ملازمن کي فارم هائوس تي جهيڙي جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي. چيف جسٽس ثاقب نثار آءِ جي اسلام آباد بدلي ڪيس ۾ جي آءِ ٽي کي جاچ ڪري رپورٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو هو. جي آءِ ٽي سربراهه عرفان نعيم منگي اعظم سواتي خلاف جاچ بابت رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾  جمع ڪرائي آهي. جي آءِ ٽي جي سمورن ميمبرن ڊي جي نيب عرفان منگي جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ پهچي وفاقي وزير خلاف رپورٽ جمع ڪرائي جيڪا پنجن واليمز تي ٻڌل آهي.  رپورٽ ۾ اعظم سواتي ۽ سندس ملازمن کي فارم هائوس تي جهيڙي جو ذميوار قرار ڏنو ويو آهي. رپورٽ ۾ حڪومت طرفان اڳوڻي آءِ جي اسلام آباد جان محمد جي بدلي تي به سوال اٿاريا ويا آهن. جي آءِ ٽي سربراهه عرفان نعيم منگي ميڊيا سان غير رسمي طور ڳالهائيندي چيو ته جي آءِ ٽي پنهنجو ڪم مڪمل ڪري ڇڏيو آهي، اسان طئي ٿيل طريقيڪار تحت ڪم مڪمل ڪيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نواز شريف ۽ آصف زرداري جي سياست ختم، آخري وقت گهر يا جيل ۾ هوندا: فواد چوڌري

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے