15 ہفتہ , دسمبر 2018

عالمي منڊي ۾ تيل اگهن ۾ گهٽتائي عالمي معاشي بحران جي اڳڪٿي

لنڊن (ويب ڊيسڪ) رڳو 6 هفتن دوران عالمي منڊي ۾ ڪچي تيل جي قيمت ۾ 20 سيڪڙو گهٽتائي عالمي معاشي بحران جي اڳڪٿي ٿي سگهي ٿي. برطانوي اخبار گارڊين جي تجزئي موجب آڪٽوبر جي شروعات ۾ ڪچي تيل جي قيم 86 ڊالر في بيرل جي سطح تي هئي، جيڪا هاڻ 68 ڊالر في بيرل جي سطح تائين يا 20 سيڪڙو ڪِري آهي. گارڊين موجب رڳو 6 هفتن ۾ قيمت جو 20 سيڪڙو تائين ڪِرڻ عالمي عالمي معاشي بحران جي اڳڪٿي ٿي سگهي ٿو. هوڏانهن اوپيڪ ۽ روس طرفان تيل پيداوار ۾ گهٽتائي جي اشاري کانپوءِ عالمي منڊي ۾ ٽريڊنگ دوران ڪچي تيل جي قيمت ۾ هڪ سيڪڙو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

گهرو وزارت زلفي بخاري جو نالو اي سي ايل مان ڪڍي ڇڏيو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) گهرو وزارت وزير اعظم جي سمنڊ پار پاڪستانين بابت خاص مددگار زلفي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے