22 جمعہ , فروری 2019

رپورٽ: ڀان سيد آباد: ڪنڀر برادري جي ماڻهن جو بااثرن خلاف احتجاج

ڀان سيدآباد ۾ پوليس ۽ بااثرن جي زيادتين خلاف ڪنڀر برادري جي عورتن پاران احتجاج ڪيو ويو

سخي سيد سليمان شاهه ڪالوني جي رهواسي عورتن مسمات حسنا، رشيده، شبانا ۽ نسيمان پريس ڪلب پهچي پوليس ۽ بااثرن جي زيادتين خلاف دانهيو

ان موقعي تي عورتن صحافين سان ڳالهائيندي الزام هنيو ته 3 ڏينهن اڳ ۾ بااثرن بابو ۽ غلام حيدر پنهنجي هٿياربند ساٿين سميت سندن گهر ۾ گهڙي گهر ڀاتين مٿان سخت تشدد ڪرڻ بعد وري پاڻ کي ڇريون هڻي اسان کي ڦاسائڻ لاءِ ڪوڙو ڊرامو رچايو آهي.

هنن چيو ته بااثرن ڊرامو ڪرڻ بعد پوليس کي رشوت ڏيئي سندن نوجوان سعيد ڪنڀر کي گرفتار ڪرائي مٿس ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايو آهي

سندن چوڻ هو ته بااثرن جي چرچ تي پوليس هنن جي نواجوان فل فراءَ ڪري ڇڏيندي

احتجاج ڪندڙ عورتن اختيارين کان گهر ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي نوجوان کي آزاد ڪرائي کين تحفظ ڏنو وڃي………………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: سن پوليس ڪهڙو ڏنو ڪارنامو سرانجام؟ توهان ڄاڻي حيران ٿي ويندو

سن پوليس پاران  شادي تقريب ۾ وڏي آواز ۾ ايڪو سائونڊ وڄائڻ ۽ هوائي فائرنگ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے