12 بدھ , دسمبر 2018

اڊيالا جيل: قيدين سان گڏجي سيڪيورٽي جيمرز بند ڪرڻ تي 5 اهلڪار معطل

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) اڊيالا جيل ۾ قيدين سان گڏجي سيڪيورٽي لاءِ لڳل جيمرز بند ڪرڻ تي 5 اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي. اڊيالا جيل راولپنڊي ۾ قيدين سان گڏجي سيڪيورٽي لاءِ لڳل جيمرز بند ڪرڻ تي 5 اهلڪارن کي معطل ڪيو ويو آهي جنهن ۾ هيڊ وارڊر محمد حيات، وارڊر الله دتو، وارڊر شاهد قمر، اسسٽنٽ سپريڊنٽ ساجد خان ۽ چيف وارڊر اي ايس آءِ جلال شامل آهن. پنجن ئي اهلڪارن جي خلاف وڌيڪ محڪماڻي ڪارروائي به شروع ڪئي وئي آهي. جاچ موجب قتل جي ڪيس ۾ ڊاڪٽر عرفان سان گڏجي جيمرز بند ڪيا ويا هئا ۽ سنگين ڪيسن ۾ ملوث قيدين کي سهولتون ڏيندا هئا. ٻئي پاسي جيل اختيارين قيدي ڊاڪٽر عرفان کي اڊيالا جيل مان ملتان جيل موڪلي ڇڏيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڀ ڪيس گذريل دور جا آهن، اسان ڪو ڪيس ناهي ٺاهيو: عليم خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ عليم خان چيو آهي ته سڀ ڪيس گذريل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے