11 منگل , دسمبر 2018

گڏيل مفادن واري ڪائونسل 2017ع ۾ آدم ۽ گهر شماري جي نتيجن جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گڏيل مفادن واري ڪائونسل 2017ع ۾ آدم ۽ گهر شماري جي نتيجن جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي. وزيراعظم عمران خان جي صدارت هيٺ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ چئني صوبن جا وڏا وزير مراد علي شاهه، عثمان بوزدار، ڄام ڪمال ۽ محمود خان شريڪ ٿيا، جڏهن ته وفاقي توڙي صوبائي وزيرن سميت سينيئر اختيارين به شرڪت ڪئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ شماريات کاتي 2017ع ۾ آدم ۽ گهر شماري جي نتيجن تي سمري پيش ڪئي، جڏهن ته سنڌ، فاٽا ۽ مختلف علائقن جي 5 سيڪڙو بلاڪن ۾ ٻيهر مردم شماري تي به غور ڪيو ويو. گڏيل مفادن واري ڪائونسل آدم ۽ گهر شماري جي نتيجن جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي. هوڏانهن گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي پڌرائيءَ موجب ڪائونسل 1230 ميگا واٽ جي حويلي بهادر شاهه منصوبي ۽ 1223 ميگا واٽ جي بلوڪي ايل اين جي منصوبي جي به منظوري ڏني. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته قومي ۽ صوبائي ٽاسڪ فورسز معاشري جي سمورن طبقن سان صلاح مشورو ڪنديون، ٽاسڪ فورسز مستقبل جي حڪمت عملي تي به گڏيل ايڪشن پلان ٺاهينديون. پڌرائيءَ موجب اجلاس ۾ وڌندڙ آبادي تي ضابطي لاءِ جلد سفارش پيش ڪرڻ جي به هدايت ڪئي وئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

حددخلين خلاف آپريشن: عدالت مان انصاف جي اميد آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب حددخلين خلاف جاري آپريشن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے