13 جمعرات , دسمبر 2018

شڪست تي مايوسي ٿي، غلطين مان سبق سکنداسين: سرفراز احمد

ابوظهبي (اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ خلاف ابوظهبي ٽيسٽ ۾ 176 رنسن جي ٽارگيٽ پويان ناڪام ٿيندڙ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان سرفراز احمد چيو آهي ته ميچ هارائڻ تي مايوس آهيون، پهرين اننگز ۾ 2 ۽ ٻي اننگ ۾ رڳو 3 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيندڙ ڪپتان سرفراز احمد شڪست کانپوءِ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته بيٽسمينن کي وڪيٽ تي بيهڻ گھرجي ها، ڪوشش ڪنداسين ته جيڪي غلطيون ٿيون، انهن کي ايندڙ ميچن ۾ نه ورجايون. هن چيو سڀني رانديگرن کي سٺو کيڏڻ لاءِ چيو هو، اميد هئي ته اسان کٽينداسين پر رانديگر دٻاءُ برداشت نه ڪري سگھيا. سندس چوڻ هو ته نيوزيلينڊ جي اعجاز پٽيل سٺي بالنگ ڪئي، بيٽسمينن کي وڪيٽ تي وقت گذارڻ گھرجي ها، انهن کي وڏيون اننگز کيڏڻ گھرجن ها. هوڏانهن نيوزيلينڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ڪين وليمسن چيو اسان کي خبر هئي ته کٽڻ سولو ناهي پر رانديگرن سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

بيلجيئم پاڪستان کي شڪست ڏئي هاڪي ورلڊ ڪپ کان ٻاهر ڪري ڇڏيو

ڀونيشور (ويب ڊيسڪ) هاڪي ورلڊ ڪپ جي ڪراس اوور رائونڊ ۾ بيلجيئم جي ٽيم پاڪستان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے