13 جمعرات , دسمبر 2018

11 منرل واٽر ڪمپنين جا مالڪ سڀاڻي طلب، نه ٿيڻ تي نالا اي سي ايل ۾ وجهڻ جي وارننگ

لاهور(ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ 11 منرل واٽر ڪمپنين جي مالڪن کي طلب ڪري ورتو، چيف جسٽس سخت وارننگ ڏني ته سڀاڻي پيش نه ٿيڻ تي ڪمپنين جي مالڪن جا نالا اي سي ايل ۾ شامل ڪيا ويندا، ڇا اِهي ماڻهو معافي جي لائق آهن، جن قوم کي خراب پاڻي پياريو، ڊي جي فوڊ اٿارٽي ٻڌائي ته غير معياري پاڻي تي ڪهڙي فوجداري ڪارروائي بڻجي ٿي. تفصيل موجب سپريم ڪورٽ لاهور رجسٽري چيف جسٽس ثاقب نثار جي سربراهي ۾ زمين هيٺ پاڻي ڪڍي وڪرو ڪندڙن ڪمپنين بابت پاڻمرادي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. سپريم ڪورٽ زمين هيٺ پاڻي ڪڍي وڪرو ڪندڙ 11 ڪمپنين جي مالڪن کي سڀاڻي صبح 9 وڳي طلب ڪري ورتو، چيف جسٽس سخت وارننگ ڏني ته سڀاڻي پيش نه ٿيڻ تي ڪمپنين جي مالڪن جا نالا اي سي ايل ۾ وجهندس. وڪيل اعتزازا احسن ڪيس جي ٻڌڻي 30 نومبر تائين ملتوي ڪرڻ جي اپيل ڪئي ته توهان برطانيا جي دوري بعد اچي اِهو ڪيس ٻڌو، جنهن کي چيف جسٽس رد ڪندي چيو ته اعتزاز احسن توهان ڇا ٿا چاهيو آئون سمجهوتو ڪري برطانيا جي دوري تي هليو ويندس. چيف جسٽس ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڇا اِهي ماڻهو معافي جي لائق آهن، جن قوم کي خراب پاڻي پياريو، ڊي جي فوڊ اٿارٽي ٻڌائي غير معياري پاڻي تي ڪهڙي فوجداري ڪارروائي بڻجي ٿي؟ ٻڌڻي دوران ڊي جي فيڊرل اي پي اي ۽ ماحوليات جي ماهر جي طرفان پاڻي بابت رپورٽ پيش ڪئي وئي، رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو ته لاهور سميت ڪيترن ئي شهرن مان 11 انڊسٽريون 9 ملين پاڻي في ڪلاڪ ڪڍي رهيون آهن، زمين مان ڪڍيل پاڻي ۾ فلورائيڊ ۽ آرسينڪ موجود آهي، ڪمپنين وٽ پاڻي کي جانچڻ لاءِ گهربل ليبارٽريون ئي ناهن، خبر نائي زمين مان نڪتل پاڻي ۾ ڪيترا ۽ ڪهڙا منرلز آهن. رپورٽ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو ته ايم بي اي پاس ملازم پلانٽ به آپريٽ ڪندو ۽ ليبارٽري به سنڀاليندو آهي، ڪمپنيون اربين رپيا ڪمائي رهيون آهن پر انهن وٽ ليبارٽريون ئي ناهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يمن ۾ 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو مارجي چڪا

صنعا (ويب ڊيسڪ) يمن ۾ جاري گهرو ويڙهه سبب 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو پنهنجون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے