14 جمعہ , دسمبر 2018

نئين پاڪستان ۾ هاڻ برابري جي سطح تي ڳالهيون ٿينديون، ڊور مور نه ٻڌبو: شهريار آفريدي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) مملڪتي وزير شهريار آفريدي چيو آهي ته پاڪستان دنيا جي سڀ کان وڏي جنگ پنهنجي سر زمين تي وڙهي رهيو آهي، پاڪستان جي دشمنن کي پيغام آهي ته پاڪستان قيامت تائين رهندو، نئين پاڪستان ۾ دنيا کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته هاڻ برابري جي سطح تي ڳالهيون ٿينديون، ڊو مور نه ٻڌنداسين. تفصيل موجب شهريار آفريدي اسلام آباد چيمبر آف ڪامرس جي تقريب کي خطاب ڪندي دنيا جا ملڪ واپاري لاڳاپا وڌائي رهيا آهن، پاڪستان دنيا جي سڀ کان وڏي جنگ پنهنجي سر زمين تي وڙهي رهيو آهي، پاڪستان ڪيتريون ئي قربانيون ڏنيون آهن. هن چيو ته اسان جي ملڪن ۾ چيلنجن جا انبار لڳل آهن، ذاتي مفادن کي ترجيح ڏيڻ سان عوام متاثر ٿي رهيو آهي، يورپي يونين جو مثال اسان جي سامهون آهي، قومون واپار ڪري رهيون آهن. هن وڌيڪ چيو ته اسان 71 سالن کان دهشتگردي جي جهڙي مسئلي ۾ وچڙهيل هئاسين، اسان پنهنجي ماڻهن جي مسئلن کي سمجهيو ئي ناهي، نئون پاڪستان پنهنجي جنگ اڪيلو وڙهي رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي ڀاءَ جي منصوبن جي آڊٽ تي ننڍي ڀاءُ کي ويهارڻ غلط آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته وڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے