11 منگل , دسمبر 2018

سنڌ هاءِ ڪورٽ 2005 کان فيسون وڌائڻ وارن اسڪولن جي تفصيل طلب ڪري ورتي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) اسڪول فيسن ۾  5 سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ بابت ڪيس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ 2005 کان حڪومتي منظوري کان سواءِ فيس وڌائيندڙ اسڪولن جي تفصيل طلب ڪري ورتي، عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اسڪول کولڻ بعد فيسن ۾ وڌيڪ واڌ ڪئي وئي، عدالتي حڪمن کي مذاق نه بڻايو، پنهنجي حڪم تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ چاهيون ٿا. تفصيل موجب سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اسڪول فيسن ۾ پنج سيڪڙو کان وڌيڪ واڌ جي خلاف توهين عدالت درخواست تي ٻڌڻي ٿي، ڊي جي پرائيويٽ اسڪولز ڊاڪٽر منصوب صديقي عدالت ۾ پيش ٿيو. ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ چيو ته توهين عدالت جي درخواست جي ڪاپي ناهي ملي، عدالتي حڪم تي عمل درآمد رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏي آهي، جنهن تي عدالت ريمارڪس ۾ چيو ته درخواست جي ڪاپي ڇا گهر ۾ وڃي ڏينديون؟ پراڻي اگهن تي فيسن جا چالان ايشو ڪيو. جسٽس عقيل احمد پڇاڻو ڪيو ته سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ۽ حڪم نامي بابت پڇيو هو، ماڻهو پريشان آهن، عدالتي حڪم تي عمل جو ٻڌايو، ٻڌڻي وڌيڪ ملتوي ڪنداسين ته ماڻهو به وڌيڪ پريشان ٿيندا. عدالت وڌيڪ چيو ته اسڪول کولڻ بعد فيسن ۾ واڌ ڪئي وئي، عدالتي حڪمن کي مذاق نه بڻايو، جنهن تي فائونڊيشن اسڪول جي وڪيل ٻڌايو ته 5 سيڪڙو کان وڌيڪ فيسن ۾ واڌ ناهي ڪئي، اسڪولن جا مالڪ عدالتي حڪم تي بلڪل عملدرآمد ناهن ڪري رهيا، جسٽس عقيل احمد عباسي چيو ته عدالت کي معاملن جي خبر هوندي آهي، اسڪول جي جيڪا واڌو فيس ورتي وئي ان کي ايڊجسٽ ڪرڻ جو چيو آهي. بيڪن هائوس ۽ سٽي اسڪول جو وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيو، جسٽس محمد علي مظهر ريمارڪس ڏنا ته توهان چاهيو ٿا ته عدالت فرد جرم لاڳو ڪري، توهان پنهنجي درخواست واپس وٺو. ڊي جي پرائيويٽ اسڪول سان مڪالمي ۾ چيو ته اسان درخواست ڏني ته اسان والدين کي چئون ته فيسون جمع ڪرايو؟ توهان چيو ته ريڪارڊ مينهن ۾ خراب ٿي ويو، پنهنجي حڪم تي عملدرآمد يقيني بڻائڻ چاهيون ٿا. سنڌ هاءِ ڪورٽ ڊي جي پرائيويٽ اسڪول کان 2005 کان واڌو فيسن جي تفصيل طلب ڪندي چيو ته سنڌ حڪومت جي منظوري کان سواءِ فيسون وڌائڻ وارن جي تفصيل ڏيو. درخواستگذآر چيو ته اسڪول وارا 2 کان 3 مهينن جون فيسون گڏ وٺي ڇڏيندا آهن، جنهن تي اسڪول مالڪن جو چوڻ هو ته واڌو فيس سپريم ڪورٽ رجسٽرار وٽ جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي. بعد ۾ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 3 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ۽ ايران جو افغانستان ۾ امن جي ڪوششن جي حمايت جو اعلان

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ايران افغان قيادت جي سربراهي ۾ افغانستان ۾ امن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے