11 منگل , دسمبر 2018

وزير اعظم 22هين گريڊ ۾ ترقي ماڻيندڙن جي نالن جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم عمران خان گريڊ 22 ۾ ترقي ماڻيندڙ آفيسرن جي نالن جي منظوري ڏئي ڇڏي، بيورو ڪريٽن جي ترقي ۾ قانوني تقاضا، ميرٽ کي ترجيح ڏني وئي آهي. تفصيل موجب وزير اعظم عمران خان بيورو ڪريسي ۾ ميرٽ تي مقررين، بدلين ترقين جو واعدو پورو ڪري ڇڏيو، اعليٰ اختياراتي بورڊ ۾ گريڊ 22 ۾ ترقي ماڻيندڙ آفيسرن جي نالن جي منظوري ڏئي ڇڏي. وزير اعظم بيورو ڪريٽس جي ترقي ۾ قانوني تقاضا ۽ ميرٽ کي ترجيح ڏني وئي جڏهن ته وزير اعظم آفيسرن جي ذاتي فائلن ۽ رپورٽن جو پاڻ جائزو ورتو. ذريعن موجب وزير اعظم 2 ڀيرا اعليٰ اختياراتي بورڊ اجلاس ۾ ميرٽ تي فيصلو ڪيو، بورڊ ۾ مختلف گروپن جي 20 کان وڌيڪ آفيسرن کي ترقي ڏني وئي، جنهن ۾ پاڪستان ايڊمسٽريٽو گروپ ڊي ايم جي جي 6 آفيسرن کي ترقي ڏني، ترقي ملندڙن ۾ عمران احمد، شفقت الرحمان رانجها، عامر احمد، محمد خان لڇي، ساجد يوسفائي ۽ طارق نجيب نجمي شامل آهن. پوليس گروپ جي 2 آفيسرن کي به هاءِ پاور بورڊ ترقي ڏني، پوليس گروپ جي ترقي ملندڙن ۾ حسين اصغر ۽ نعيم خان شامل آهن. سيڪريٽريٽ گروپ جي نعيم خان کي 22 گريڊ ۾ ترقي ڏني وئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته سيڪريٽريٽ گروپ جي هڪ سيٽ تي 14 آفيسر ترقي جا منتظر هئا، انفارميشن گروپ جي سيٽ تي آفيسر شفقت جليل کي ترقي ڏني وئي جڏهن ته فارن سروسز گروپ جي 8 آفيسرن کي به گريڊ 22 ۾ ترقي ڏني وئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حددخلين خلاف آپريشن: عدالت مان انصاف جي اميد آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب حددخلين خلاف جاري آپريشن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے