10 پیر , دسمبر 2018

ڪاش مون کي به ڪير جنسي هراسان ڪري ها: پريٽي زنٽا

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ جي من موهڻي اداڪارا پريٽي زنٽا چيو آهي ته منهنجي زندگي ۾ ڪو به مون سان خراب رويي سان پيش ناهي آيو. پرڏيهي خابرو اداري موجب بالي ووڊ اداڪارا پريٽي زنٽا کان جڏهن بالي ۾ هلندڙ ”مي ٽو مهم“ بابت پڇيو ويو ته سندس چوڻ هو ته بالي ووڊ ۾ ” مي ٽو“ مهم جي شروعات هڪ سٺو عمل آهي، جيڪڏهن ان کي پنهنجي حق لاءِ حاصل ڪيو وڃي پر ڪجهه اهڙا مرد ۽ عورتون ٻئي انڊسٽري ۾ موجود آهن، جن سبب اها مهم ڪمزور ٿي رهي آهي، انڊسٽريءَ ۾ اهڙا تمام گهٽ ماڻهو آهن، جيڪي ان کي صحيح مقصدن لاءِ استعمال ڪن ٿا. اداڪارا کان جڏهن ان بابت سوال ڪيو ويو ته ڇا هوءَ ڪڏهن ڪنهن جي خراب رويي جو شڪار ٿي آهي ته ان تي اداڪارا مرڪندي جواب ڏنو ته ڪاش ائين ٿئي ها! مان ڪڏهن به ڪنهن جي خراب رويي جو شڪار ناهيان بڻي، ماڻهو توهان سان اهڙو رويو اختيار ڪندا آهن جهڙو توهان پاڻ چاهيندا آهيو، مون سان اهڙو ڪو واقعو پيش ناهي آيو پر ڪاش ائين ٿئي ها ته جيئن مان به ڪجهه شيئر ڪري سگهان ها.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

‘Saath Nibhana Sathiya’ actress Debolina Bhattacharya detained over Mumbai diamond trader Rajeshwar Udani’s murder; politician arrested

ڀارتي واپاري جي قتل جي الزام ۾ مشهور ٽي وي اداڪارا دبيولينا گرفتار

ممبئي ( شوبز نيوز ) ڀارتي ٽي وي جي سنسڪاري نونهن جي نالي سان مشهور …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے