22 جمعہ , فروری 2019

ڪراچي ۾ ڪارروائي، القاعده جو اهم اڳواڻ گرفتار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ سيڪيورٽي ادارن ڪارروائي ڪندي القاعده جي سربراهه اسامه بن لادن جي محافظ عمر جلال ڪاٺيو کي گرفتار ڪري ورتو آهي. سڄي  ملڪ ۾ پابندي مڙهيل تنظيمن جي خلاف سيڪيورٽي ادارن جون ڪامياب ڪارروائيون جاري آهن. سيڪيورٽي ادارن اهم ڪارروائي دوران اسامه بن لادن جي ذاتي محافظ ۽ ڊرائيور محمد عمر عرف جلال ڪاٺيو کي گرفتار ڪري ورتو آهي جڏهن ته جلال ڪاٺيو کان سواءِ به گرفتاريون عمل ۾ آنديون ويون آهن. جلال ڪاٺيو القاعده سربراهه ڊاڪٽر ايمن الظواهري سان مسلسل رابطي ۾ هو جڏهن ته هو القاعده کي ملندڙ مالي سهڪار جي واڌ ويجهه ڪندو هو. جلال ڪاٺيو جو نالو صفوران سانحي ۾ سامهون آيو هو. محمد عمر عرف جلال ڪاٺيو ٽئين شادي ايمن الظواهري جي ڌيءَ سان ڪئي هئي جڏهن ته جلال ڪاٺيو جي هڪ زال ڊاڪٽر سعديه افغانستان ۾ ئي رهندي آهي. جلال ڪاٺيو القاعده جي ماڻهن جي لاءِ پاڪستان ۾ رهائش ۽ کاڌي پيتي جو بندوبست ڪندو هو. ذريعن موجب القاعده جي زخمي ٿيل ماڻهن جو علاج پاڪستان ۾ ڪرائڻ جو ذميوار به جلال ڪاٺيو هو جڏهن ته اسامه بن ادن پاڪستانين ۾ رڳو جلال ڪاٺيو تي ئي اعتماد ڪندو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ فوج جو ترجمان سڀاڻي ڇا ڪندو….؟

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور سڀاڻي اهم پريس ڪانفرنس ڪندو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے