14 جمعہ , دسمبر 2018

ٻين جي سياست انهن تي ئي پر پ پ جي سياست عوام تي ئي ختم ٿيندي آهي: بلاول ڀٽو زرداري

گلگت(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي (پ پ پ ) جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٻين پارٽين جي سياست انهن تي ئي ختم ٿي ويندي آهي پر پيپلز پارٽي جي سياست عوام کان شروع ٿي عوام تي ئي ختم ٿي ويندي آهي. گلگت ۾ جلسي کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته ذوالفقار علي ڀٽو اميرن کان زمينون وٺي غريبن کي ڏيندو هو. هن پنهنجي مخالفن کي سخت تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته هنن جي سياست انهن تي ئي ختم ٿي ويندي آهي پر پيپلز پارٽي جي سياست عوام کان شروع ٿيندي آهي ۽ عوام تي ئي ختم ٿي ويندي آهي. هن حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته عوام دشمن پاليسي سان عوام رُلي رهيو آهي، موجوده حڪوتم عوام سان واعدو ڪري يوٽرن وٺندي آهي. سندس وڌيڪ چوڻ هو ته موجود حڪومت کي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ڪا به دلچسپي ناهي. هن چيو ته آئون واعدو ٿو ڪيان ته عوام جي معاشي، جمهوري ۽ سياسي حق لاءِ جدوجهد ڪندو رهندس. پ پ جو باني رهڻ بابت سندس چوڻ هو ته ذوالفقار علي ڀٽو خوشحالي جي سفر کي اڳتي وڌايو ۽ عوام جي حقن لاءِ مها راجائن کي به للڪاريو. هن چيو ته غربت ۽ بي وسي ڏسي فيصلو ڪيو آهي ته اقتدار ۾ اچي فوري طور تي گلگلت جو مسئلو حل ڪنداسين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي ڀاءَ جي منصوبن جي آڊٽ تي ننڍي ڀاءُ کي ويهارڻ غلط آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته وڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے