12 بدھ , دسمبر 2018

سعودي عرب دهشتگردي ۽ انتها پسندي جي خلاف جدوجهد جاري رکندو: شاهه سلمان

رياض(ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز چيو آهي ته سندس ملڪ دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي خلاف جدوجهد جاري رکندو. شاهه سلمان شوريٰ ڪائونسل جي افتتاحي اجلاس کي خطاب ۾ چيو ته سعودي ولي عهد محمد بن سلمان کي افرادي قوت وڌائڻ ۽ ترقي يافته نسل تير ڪرڻ جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي. هن چيو ته سعودي عرب ۾ بنيادي ترقي متوازن ۽ قبول ڪرڻ واري انداز سان جاري آهي. اسان اسلامي شرعي قانون تي سختي سان عمل پيرا آهيون. شاهه سلمان چيو ته فلسطين جي مسئلي جو حل سعودي عرب جي ترجيحن ۾ شامل آهي، سلامتي ڪونسل جي ٺهراءَ تحت يمن جنگ جي سياسي حل جي حمايت ڪيون ٿا. هن پنهنجي خطاب ۾ملڪي سلامتي جي لاءِ جانين جا نذرانا پيش ڪندڙ بهادر فوجين کي ڀيٽا به پيش ڪئي. شاهه سلمان وڌيڪ چيو ته ايران نواز مليشا کي منهن ڏيڻ لاءِ يمني عوام سان گڏ آهيون، خطي جي ملڪن ۾ ايران جي مداخلت سان دهشتگردي وڌي، سعودي عرب عالمي معيشت جي مضبوطي لاءِ تيل جي مثبت سياست اختيار ڪئي، تيل جي قيمتن جي مضبوطي لاءِ ٻين پيداواري ملڪن سان سهڪار ڪري رهيا آهيون.  پنهنجي خطاب ۾ شاهه سلمان بن عبدالعزيز ترڪي ۾ سعودي قونصل خاني جي اندر قتل ٿيل سعودي صحافي جمال خاشقجي جي حوالي سان ڳالهائڻ کان پاسو ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سڀ ڪيس گذريل دور جا آهن، اسان ڪو ڪيس ناهي ٺاهيو: عليم خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) تحريڪ انصاف اڳواڻ عليم خان چيو آهي ته سڀ ڪيس گذريل …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے