23 ہفتہ , فروری 2019

پاڪ – آمريڪا لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي گهرج آهي: شاهه محمود قريشي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪ – آمريڪا لاڳاپا ٻنهي ملڪن جي گهرج آهي، گڏجي اڳتي وڌڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي. خانگي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان ۽ ٻيا ملڪ به آمريڪا جا اتحادي آهن، پاڪستان آمريڪا سان بي پناهه سهڪار ڪيو آهي، اسان جو 125 ارب ڊالر نقصان ٿيو، لکين ماڻهن کي لڏپلاڻ ڪرڻي پئي، دنيا تسليم ڪيو ته افغانستان ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي ۾ پاڪستان جو اهم ڪردار آهي. سندس چوڻ هو ته آمريڪا افغانستان ۾ ڪيترن ئي چئلينجن کي منهن ڏئي رهيو آهي، افغان امن عمل ۾ آمريڪا ۽ دنيا اڄ به پاڪستان جي ڪردار کي اهم سمجهي ٿي. هن چيو ته افغانستان جي صورتحال ڳڻتي جوڳي آهي، اسان جو مقصد افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام آهي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

آرمي چيف جو لائن آف ڪنٽرول جو دورو

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه لائن آف ڪنٽرول جو دورو ڪري پاڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے