10 پیر , دسمبر 2018

سنڌ جي ڪرشنا ڪماري دنيا جي 100 بااثر شخصيتن ۾ شامل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستاني سينيٽر ۽ انساني حقن جي ڪارڪن ڪرشنا ڪماري کي بي سي 2018ع جي بااثر ۽ متاثر ڪندڙ عورتن ۾ شامل ڪري ورتو آهي. برٽش براڊ ڪاسٽ ڪارپوريشن (بي بي سي) گذريل ڪجهه سالن کان عورتن بابت مسئلن جي خلاف جدوجهد ڪرڻ ۽ سندن ڪوششن جي اعزاز ۾ سڄي دنيا جي 100 بااثر ۽ متاثر ڪندڙ عورتن جي فهرست جاري ڪندي آهي.  سڄي دنيا جي 60 ملڪن جي زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ 15 سالن کان 94 سالن تائين جي چونڊيل انهن 100 عورتن حقن بابت خدمتون انجام ڏنيون آهن.  هلندڙ سال ان فهرست ۾ شامل واحد پاڪستانڻ 39 سالن جي ڪرشنا ڪماري آهي، جنهن جو واسطو ننگرپارڪر جي پٺتي پيل ڳوٺ جي ڪوهلي برادري سان آهي ۽ هوءَ هلندڙ سال مارچ ۾ سينيٽر بڻي هئي.  هن ڪيترائي سال پاڪستان ۾ جبري مزدوري ڪندڙ مزدورن جي حقن لاءِ ڪم ڪيو آهي. هوءَ پاڪستاني سينيٽ ۾ چونڊيل پهرين ٿري هندو عورت آهي. ڪرشنا ڪماري جبري مزدوري جي خلاف آواز ان ڪري کنيو ڇو ته ننڍپڻ ۾ کيس به اهڙي عمل کي منهن ڏيڻو پيو جڏهن 3 سالن تائين هن کي ۽ سندس خاندان کي عمرڪوٽ جي هڪ زميندار طرفان ڪم ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو هو.  بعد ۾ پوليس ڇاپو هڻي کيس ۽ خاندان کي بازياب ڪرايو هو. جبري مزدوري مان آزادي حاصل ڪرڻ بعد سندس وارثن تعليم حاصل ڪرڻ تي زور ڏنو جنهن بعد هن عمر ڪوٽ ۽ ميرپورخاص ۾ شروعاتي تعليم حاصل ڪئي ۽ سنڌ يونيورسٽي، ڄامشوري مان پوسٽ گريجوئيٽ ڊگري حاصل ڪئي.  انساني حقن بابت ٻيون تربيتون حاصل ڪرڻ بعد ڪرشنا ڪماري يوٿ سول ايڪشن پروگرام جي لاءِ ڪم ڪيو جتي هن جبري مزدوري ۽ ان جو شڪار ٿيل عورتن بابت تحقيق ڪئي.  هن جبري مزدوري، ملازمت واري جاءِ تي جنسي هراسمينٽ ڪرڻ سميت ٻين انساني خاص ڪري عورتن جي حقن بابت ورڪشاپَ ۽ سيمينار رٿيا. ڪرشنا ڪماري انساني حقن بابت مختلف اخبارن ۾ به لکيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حددخلين خلاف آپريشن: عدالت مان انصاف جي اميد آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب حددخلين خلاف جاري آپريشن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے