13 جمعرات , دسمبر 2018

رپورٽ: آمريڪي صدر ۽ وزيراعظم  عمران خان ٽوئيٽر تي آمهون سامهون

آمريڪي صدر ۽ پاڪستاني وزيراعظم ٽوئيٽر تي آمهون سامهون ٿي ويا آهن، ڊونلڊ ٽرمپ پنهنجي ٽوئيٽ ۾ پاڪستان خلاف زهر اوڳاڇيو آهي.

 آمريڪي صدر پنهنجي تازي ٽوئيٽ ۾ چيو آهي ته آمريڪا کي القاعدا جي باني اساما بن لادن کي گهڻو اڳ پڪڙڻ گهرجي ها، نائين اليون حملي کان اڳ ئي مان پنهنجي ڪتاب ۾ اساما جي نشاندهي ڪئي هئي، صدر بل ڪلنٽن اساما بن لادن جي معاملي تي ڇرڪجي ويو هو.

 ٽرمپ وڌيڪ لکيو ته اسان اربين ڊالر ڏنا پر پاڪستان ڪڏهن نه ٻڌايو ته اساما اتي آهي.

هن هڪ ڀيرو ٻيهر امداد بند ڪرڻ جي ڌمڪي ڏيندي لکيو ته هاڻ پاڪستان کي وڌيڪ اربين ڊالر نه ڏينداسين، پاڪستان اسان جا پئسا وٺي به اسان لاءِ ڪجهه نه ڪيو، اساما بن لادن ان جو وڏو مثال آهي، جڏهن ته افغانستان ٻيو مثال آهي.

هن چيو ته پاڪستان به اهڙن ملڪن مان هڪ هو، جيڪي آمريڪا کان پئسا وٺندا هئا پر موٽ ۾ انهن ڪجهه نه ڏنو.

وزيراعظم پنهنجي ٽوئيٽ ۾ آمريڪي صدر جي تنقيد جو جواب ڏيندي چيو هو ته صدر ٽرمپ کي پاڪستان بابت ريڪارڊ درست ڪرڻ جي ضرورت آهي، نائن اليون حملن ۾ ڪو به پاڪستاني ملوث نه هو، پاڪستان دهشتگردي خلاف آمريڪا جي جنگ ۾ ساٿ ڏنو ۽ 75 هزار جانيون قربان ڪيون.

 وزيراعظم جو چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستاني معيشت کي 123 ارب ڊالرن کان وڌيڪ نقصان ٿيو ۽ آمريڪا رڳو 20 ارب ڊالرن جي امداد ڏني، اسان جا قبيلائي علائقا  تباهه ٿيا ۽ لکين ماڻهن کي گهرن کان محروم ٿيڻو پيو، ان جنگ جا تباهي مچائيندڙ اثر عام پاڪستاني تي پيا ان باوجود پاڪستان زميني ۽ هوائي حدون فراهم ڪيون.

عمران خان آمريڪي صدر کان سوال ڪيو ته ڇا ڪنهن اتحادي اهڙيون قربانيون ڏنيون آهن؟ وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاڪستان کي قرباني جو ٻڪرو بڻائڻ بدران آمريڪا پنهنجي ناڪامين جو جائزو وٺي،

 هڪ لک 40 هزار نيٽو فوج، اڍائي لک افغان فوج ۽ هڪ ٽرلين ڊالر خرچ ڪرڻ باوجود طالبان اڳ کان وڌيڪ مضبوط ٿي چڪا آهن……………..

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:ڏھرڪي: اينگرو ورڪرز يونين جي سڏ تي پورهيتن کي جبري برطرف ڪرڻ خلاف احتجاج

ڏھرڪي ۾ اينگرو ڪانٽريڪٽ ورڪرز يونين جي سڏ تي اينگرو ڀاڻ فيڪٽري ۾ پورهيو ڪندڙ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے