13 جمعرات , دسمبر 2018

رپورٽ: هاڻوڪي حڪومت ملڪ ۾ مهانگائي جو سونامي آندو آهي: بلاول

پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٻين پارٽين جي سياست انهن تي ئي ختم ٿي ويندي آهي پر پيپلز پارٽي جي سياست عوام کان شروع ٿي عوام تي ئي ختم ٿئي ٿي

گلگت ۾ جلسي کي خطاب ڪندي پ پ چيئرمين جو چوڻ هو ته ذوالفقار علي ڀٽو اميرن کان زمينون وٺي غريبن کي ڏيندو هو.

هن حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو ته عوام دشمن پاليسي سان عوام رُلي رهيو آهي، موجوده حڪومت عوام سان واعدو ڪري يوٽرن وٺندي آهي.

سندس وڌيڪ چوڻ هو ته موجوده حڪومت کي عوام جا مسئلا حل ڪرڻ ۾ ڪا به دلچسپي ناهي.

بلاول ڀٽو زرداري چيو ته آئون واعدو ٿو ڪيان ته عوام جي معاشي، جمهوري ۽ سياسي حق لاءِ جدوجهد ڪندو رهندس…………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| قبو سعيد خان: هٿياربندن جي فائرنگ ۾ پيءُ ۽ پٽ قتل

قبو سعيد خان ويجهو هٿياربندن فائرنگ ڪري پيءُ ۽ پٽ کي قتل ڪري فرار ٿي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے