18 پیر , فروری 2019

رپورٽ: پوليو جي خاتمي لاءِ پاڪستان ۽ جاپان وچ ۾ امداد بابت معاهدو

 پوليو جي خاتمي لاءِ پاڪستان ۽ جاپان جي وچ ۾ امداد بابت معاهدو طئي ٿي ويو، جاپان پاڪستان کي پوليو جي خاتمي لاءِ 510 ملين ين ڏيندو.

جاپان پاڪستان ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ 510 ملين امداد ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو ان سلسلي ۾ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ هڪ معاهدو به طئي ٿي ويو آهي.

 صحت واري وزارت جي ترجمان جو چوڻ آهي ته معاهدي جي سلسلي ۾ صحت واري وزارت ۾ تقريب ٿي جنهن ۾ مفاهمتي ياداشت نامي تي صحيح ڪئي وئي.

تقريب ۾ جاپاني سفير، يوني سيف ۽ جائيڪا جي نمائندن پڻ شرڪت ڪئي.

ترجمان موجب جاپاني امداد پوليو جي خاتمي واري ويڪسين جي خريداري تي خرچ ٿيندي.

ان موقعي تي جاپاني سفير چيو ته جاپان پاڪستان مان پوليو جي خاتمي جي لاءِ هر ممڪن سهڪار ڪري رهيو آهي، ۽ هر ممڪن سهڪار ڪندو رهندو.

صحت واري وزير عامر ڪياني جو چوڻ هو ته وزير اعظم عمران خان ملڪ مان پوليو جي خاتمي جي لاءِ پرعزم آهي، اسان پوليو جي جنگ ۾ سهڪار تي جاپان جا ٿورائتا آهيون………………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڪوٽڏيجي: رمشا قتل ڪيس ۾ جرڳو ڪنهن ڪيو؟ نيٺ ڦاٽ ڦاٽي پيو…..

رمشا قتل ڪيس ۾ جوابدار اظهار وساڻ خلاف فتويٰ ڏيڻ جي الزام هيٺ آيل بشير …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے