13 جمعرات , دسمبر 2018

ميهڙ جي مقتولن جي ڪيس جي عام عدالت ۾ منتقلي چئلينج

سکر (رپورٽر) ميهڙ جي نياڻي ام رباب چانڊيو جي چاچي پرويز چانڊيو پاران ٽن گهر ڀاتين جي قتل ڪيس واري اي ٽي سي سکر جي فيصلي کي  سنڌهاءِڪورٽ سکر ۾  چيلينج ڪري ڇڏيو آهي سندس چوڻ آهي ته، اي ٽي سي جو فيصلو غيرقانوني ۽ انصاف جي ابتڙ هو. ان فيصلي سان شديد تڪليف پهتي آهي سنڌ هاءِڪورٽ سکر ۾ پنهنجي وڪيل ايڊووڪيٽ اي آر فاروق پيرزادو معرفت داخل ڪيس ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته 17 جنوري 2018 تي جوابدار پ پ ايم پي سردار خان چانڊيو سندس ڀاءُ برهان چانڊيو ۽ ٻين جوابدارن دهشتگردي ڪري ٽن گهرڀاتين  مختيار، ڪرم الله ۽ قابل چانڊيو کي ناحق بيدردي سان قتل ڪيو هو، ڪيس ۾ نامزد جوابدارن جي درخواست تي اي ٽي سي سکر قتل ڪيس مان دهشتگردي جا قلم خارج ڪري سيشن ڪورٽ دادو منتقل ڪيو آهي اي ٽي سي جو اهڙو فيصلو غيرقانوني آهي ان کي معطل ڪري گهرڀاتين جي قتل ڪيس جو ٽرائل اي ٽي سي ۾ هلايو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آمرن سدائين جنگيون هارايون، سياستدانن ملڪ بچايو: خورشيد شاهه

ملير (رپورٽ : جميل چانڊيو) پيپلز پارٽي جي سينيئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي اپوزيشن ليڊر ايم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے