11 منگل , دسمبر 2018

رپورٽ:مسو ڀرڳڙي: جشن عيد ميلاد النبي جو تياريون اوج تي

*مسوڀرڳڙي  ويجهو ڳوٺ مولابخش سيال ۾ جشن ميلاد مصطفي صلي الله عليه وسلم جي حوالي  سان محفل ڪوٺائي وئي جنهن ۾ سوين ماڻهن شرڪت ڪئي.

 سنڌ جي ناليواري نعت خوان  مرحوم غلام نبي مهيسر جي پٽ نالي مٺو مهيسر  سرور ڪائنات جي شان ۾ عقيدت جا گل پيش ڪيا.

مولانا حسين بخش رباني خطاب ڪنڌي چيو ته پنهنجي گهرن تي ميلاد شريف جا جهنڊا هڻندا ڪريو  ۽ گهرن کي خوبصورت سينگاري چراغان ڪريوڇاڪاڻ ته  جو رحمت العالمين جي آمد جو مهينو آهي .

هن  هن چيو ته جنهن جي گهر ۾ ميلاد شريف ملهايو ٿو وڃي اهو گهر برڪتن ڀريو ٿي ويندو آهي.

 هن چيو ته امام حسين ۽ امام حسن جنت جي جوانن جا سردار آهن اهلبيتن جو ذڪر ڪندا ڪريو اهلبيتن جو شان رب پاڪ بلند فرمايو آهي

هن چيو ته جنهن کي مديني واري سائين سان  عشق آهي انهي جا دنيا آخرت ۾ ٻيڙا پار آهن ۽ اهو دنيا توڙي آخرت ۾ ڪامياب آهي  ۽ رب پاڪ کي گهڻو ياد ڪريو ذڪر  ڪريو نماز پنج وقت پڙهو

 محفل ۾ غلام حسين وسير,محمد علي وسير, امجد مهيسر, روضو کوسو, غلام مصطفي وسير, شهباز سيال, عبد الحڪيم هاليپوٽو, فتح محمد سهتو, سڪندر خاصخيلي, بادشاه سيال, سيد حاڪم شاه, محمد سومار هاليپوٽو ۽ٻين شرڪت ڪئي……………

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ:بدين: عدالت پاران انڊس اسپتال جي لاپرواھي سبب فوت ٿيل ٻارڙي جي قبر ڪشائي جو حڪم

بدين ۾ ھڪ مھينو اڳ انڊس اسپتال انتظاميه جي لاپرواھي سبب فوت ٿيل ٽن مھينن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے