10 پیر , دسمبر 2018

رپورٽ:انساني آجپي جا گيت سرجيندڙ شاعر فيض احمد فيض کي وڇڙئي 34 ورهيه وهامي ويا

انقلابي رومانس سان ڀرپور انساني آجپي جا گيت سرجيندڙ شاعر فيض احمد فيض کي مداحن کان  وڇڙئي 34 ورهيه وهامي ويا پر هو اڄ بھ  پنهنجي مداحن جي دلين ۾ دل بڻجي دڙڪي ٿو.

 اردو ادب خاص ڪري شاعريءَ ۾ فيض احمد فيض  هڪ خاص جاءِ ولاري، جنهن جي تخليق ڪيل شاعري  هن ديس جي مظلوم عوام جو آواز بڻي، اردو ٻوليءَ جي هن ماهان  شاعر جو جنم پن ڇڻ جي مند  فيبروري جي 13 تاريخ سال 1911ع تي پنجن درياهن جي ديس پنجاب جي شهر سيال ڪوٽ ۾ ٿيو، فيض احمد فيض هڪ ئي وقت اديب به هو ته ،دانشور به ،استاد به هو ته ، سپاهي به .

هن عظيم شاعر جي  مشهوري جو سبب سندس لازوال شاعري رهي آهي.

 فيض احمد فيض پنهنجي شروعاتي تعليم مشن هاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي جڏهن ته ميٽرڪ مري ڪاليج سيالڪوٽ مان مڪمل ڪئي، جنهن بعد گورنمنٽ ڪاليج لاهور ۽ اورينٽل ڪاليج ۾ پڙهائي دوران عربي ۽ ايم اي پڻ ڪيائين، فيض احمد فيض 1935 ۾ اي اي او ڪاليج امرتسر ۾ ليڪچرار جي حيثيت سان پهرين ملازمت اختيار ڪئي.

1942 ۾ فوج ۾ ڪيپٽن طور ڀرتي ٿيو ۽ 1943 ۾ ميجر ۽ وري 1944 ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل جي عهدن تي ترقي ماڻي.

1947۾ فيض احمد فيض فوج تان استعفيٰ ڏني، 1959ع ۾ پاڪستان آرٽس ڪونسل جو سيڪريٽري مقرر ٿيو ۽ 1962ع تائين ان عهدي تي ڪم ڪيائين ان کانسواءِ ادبي رسالن جهڙوڪ ادب لطيف ۽ هفتيوار ليل و نهار جو ايڊيٽر ۽ چيف ايڊيٽر پڻ رهيو.

فيض احمد فيض جنهن صدي ۾ جنم ورتو اها صدي سياسي انقلابن جي صدي هئي جنهن فيض احمد فيض تي پڻ تمام گهڻو اثر وڌو جيڪو اثر سندس شاعري ۾ پڻ نظر اچي ٿو

9 مارچ 1951ع تي فيض احمد فيض کي روالپنڊي سازش ڪيس ۾ سهڪار ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو ،جنهن ۾ کيس چار سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي، قيد دوران فيض احمد فيض ملڪ جي مختلف جيلن سرگوڌها، ساهيوال، حيدر آباد ۽ ڪراچي ۾ قيد هيٺ رهيو جنهن بعد کيس اپريل 1955 ۾ آزاد ڪيو ويو.

فيض احمد فيض کي 1962ع ۾ سندس ادبي خدمتن عيوض روس جي سڀ کان وڏي اعزاز ليننن ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو جنهن کانپوءِ فيض 1962ع کان 1964ع تائين انگلينڊ ۾ رهيو، جنهن کانپوءِ الجزائر، مصر، لبنان، شام، عراق، هنگري ۽ ٻين يورپي ملڪن ۾ منقعد ٿيندڙ عالمي ڪانفرسن ۾ پڻ شرڪت ڪندو رهيو.

 فيض احمد فيض 1983ع ۾ وطن واپس موٽي آيو ۽ لاهور ۾ مستقل رهائش اختيار ڪيائين، فيض احمد فيض پنهنجي دور جو تمام وڏو شاعر هو سندس شاعري ۾ ڪلاسيڪي شعر جو تمام وڏو اثر رهيو آهي۽ اهو ئي سبب آهي جو ترقي پسند شاعري ۾ وڏي کيپ هئڻ باوجود به سندس شعر جو معيار برقرار رهيو آهي.

سندس ڇپيل شعري مجموعن ۾ نقش فريادي، دست صبا، دست انگ، سروادي سينا، قرض دوستان، ميري دل ميري مسافر ۽ ساري سخن ماري شامل آهن، سندس سمورا ڇپيل ڪتاب نسخه هائي وفا جي نالي سان هڪ ئي جلد ۾ شايع ٿي چڪا آهن.

فيض احمد فيض جي  روح جي گهرائين مان تخليق ڪيل شاعري اڄ به هن ديس جي مظلومن لاءِ  هڪ آٿت آهي، اتساهه آهي، آدرش آهي.

فيض احمد فيض مستقبل جي انسانن جي روح ۾  هميشھ موجود رهندو هو ، هي انقلابي سدائين دلين جيان ڌڙڪندو رهندو، سندس نيڻن ۾ اڻيل انساني آجپي ۽ جياپي واري سپني کي ساڀيان ضرور ملندي.

اردو ادب کي آسمان جي بلندين تائين پهچائيندڙ وطن جي مظلوم طبقي جا گيت ڳائيندڙ هن انقلابي شاعر جو روح 20 نومبر 1984ع تي سندس جسم مان پرواز ٿي هميشھ هميشھ پنهنجي مداحن کان وڇڙي وڃي حقيقي الاهيءَ سان مليو…………….

***

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| ڪراچي: وائيس فار مسنگ پرسنس سنڌ پاران ملير کان ٻن ڏينهن وارو مارچ شروع، رستا روڪ

انساني حقن جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي کنڀي گم ڪيل ماڻهن جي وارثن طرفان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے