12 بدھ , دسمبر 2018

رپورٽ:شادي پلي: پرائمري اسڪول ڳوٺ راجا اقبال فارم ۾ سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاج

شادي پلي ويجهو گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول  ڳوٺ راجا اقبال فارم  ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

شاگردن،  الياس نهڙي ، بيکو نهڙي ، الله بخش  ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري انتظاميھ خلاف نعريبازي ڪئي.

ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ شاگردن ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيتري ئي عرصي کان اسڪول جي عمارت ميسارجي تباهه ٿي وئي آهي.

هنن چيو تھ  اسڪول ۾ فرنيچر سميت ڪا بھ  سهولت ميسر ناهي، اسڪولي ٻار پٽَ تي ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور آهن.

احتجاج ڪندڙ شاگردن چيو تھ سردين توڙي گرمين ۾ هڪ کٻڙ جي وڻ هيٺان ويهي تعليم پرائڻ تي مجبور آهن.

هنن تعليم جي صوبائي وزير سيد سردار شاھ سيڪريٽري تعليم ۽ ٻين اختيارين کان مطالبو ڪيو تھ  اسڪول جي نئين عمارت جوڙائي سموريون گهربل سهولتون فيراهم ڪيون وڃن جيئن تعليمي سرگرميون بنا ڪنهن رنڊڪ جي جاري رهي سگهن…………..

رپورٽ-علي نواز هڱورو

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ| چيلهار: ڳوٺاڻن پاران راشن بيگ جي فهرست ۾ نظر انداز ڪرڻ خلاف احتجاج

چيلهار ۾ مختلف ڳوٺن جي رهواسين پاران سنڌ حڪومت ٿر ۾ ڳورهارين عورتن لاءِ راشن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے