14 جمعہ , دسمبر 2018

رپورٽ:چوهڙ جمالي: مستحق عورتن پاران بي نظير انڪم سپورٽ جا پئسا نه ملڻ خلاف احتجاج

چوهڙ جمالي ۾ مستحق عورتن پاران بي نظير انڪم سپورٽ جا پئسا نه ملڻ ۽ پراڻا نالا ڪٽڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو .

مستحق عورتن عاشو سولنگي ، چاڳي ، آسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ درگاھ علي ڏنو شاھ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.

ان موقعي تي مستحق عورتن احتجاج ڪندي چيو ته 6 مهينن کان وڌيڪ عرصو گذري ويو آھي پر اڃان تائين پئسه نه ملي سگهيا آھن جنهن جي ڪري هو پريشان آھن.

هن چيو تھ  مستحق عورتن جي نالي واري پروگرام ۾ غريب عورتن جا نالا ڪٽڻ واري عمل کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو.

مستحق عورتن چيو تھ  نئين سروي جي نالي تي مستحق عورتن جا نالا ڪٽڻ جي سازش ڪئي پئي وڃي جيڪا غريب عورتن سان زيادتي آھي.

 هنن وڌيڪ چيو ته چئن  مهينن واري قسط کي 6 مهينن کان وڌيڪ وقت گذري ويو آھي پر اڃان تائين کين پئسا نه ملي سگهيا آھن.

مستحق عورتن  بينظير انڪم سپورٽ جي چيئرپرسن کان مطالبو ڪيو آھي ته جلد بي نظير انڪم سپورٽ پروگرام جي رڪيل قسط جاري ڪري پراڻا نالا بحال ڪيا وڃن ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو…………..

رپورٽ-ناشاد ملاح

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: ڊگهڙي  جي  نادرا  عملي جي مبينا زيادتين خلاف  شهرين احتجاج

ڊگهڙي  جي  نادرا  عملي جي مبينا زيادتين خلاف  شهرين احتجاج ڪيو غلام الله چانگ ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے