13 جمعرات , دسمبر 2018

پينٽاگون پاڪستان کي خطي جو اهم اتحادي قرار ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) هڪ طرف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان پاڪستان خلاف زهر اوڳاڙڻ جو سلسلو جاري آهي ته ٻئي طرف آمريڪي بچاءَ واري وزارت اسلام آباد کي ڌکڻ ايشيا ۾ واشنگٽن جو اهم اتحادي قرار ڏيندي چيو ويو آهي ته ٻنهي ملڪن جي فوجي لاڳاپن ۾ ڪنهن به قسم جي تبديلي نه آئي آهي. ڊائريڪٽر پريس آپريشنز پينٽاگون ڪرنل راب ميننگ ميڊيا جي نمائندن سان آف ڪيمرا ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ڏکڻ ايشيا ۾ آمريڪا جو اهم اتحادي آهي. هن چيو ته خطي ۾ پاڪستان ۽ آمريڪا جا گڏيل مفاد آهن، پرامن ۽ مستحڪم افغانستان لاءِ پاڪستان جو ڪردار اهم آهي. راب ميننگ چيو ته پاڪ آمريڪا لاڳاپن ۾ ڪنهن قسم جي تبديلي نه آئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

يمن ۾ 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو مارجي چڪا

صنعا (ويب ڊيسڪ) يمن ۾ جاري گهرو ويڙهه سبب 2016 کانپوءِ 60 هزار ماڻهو پنهنجون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے