19 پیر , نومبر 2018

ميرپورخاص ۾ پيئڻ جي پاڻي تي ڌاڙو، شهرين جو احتجاج

انبن ۽ گلن طورمشهور ميرپورخاص ۾ گذريل ٻن هفتن کان وٺي پاڻي جو بحران پيدا ٿي پيو آهي. شهر جي دل محمد ڪالوني، سيال ڪالوني، رحيم نگر ۽ حميد پورا ۽ ٻين ڪيترن علائقن جي گهرن ۾ پاڻي نه اچڻ خلاف رهواسين احتجاج ڪيو. ان موقعي تي هنن الزام هڻندي چيو ته شهرين کي پاڻي فراهم ڪندڙ پائپن تي ڀرپاسي جا زميندار ۽ ٽينڪر مافيا وارا موٽر لڳائي پاڻي چوري ڪن ٿا. جنهن ڪري شهر جي وڏي آبادي مٺي پاڻي کان محروم ٿي وئي آهي ۽ جر جوکارو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهي. شهر ۾ وڌندڙ پاڻي جي بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ شهرين ميرپوخاص جي ڪمشنر شفيق احمد کان مطالبو ڪيو آهي ته پاڻِي فراهم ڪندڙ بورڊ جو اجلاس سڏائي پاڻي چوري ڪندڙ زميندارن ۽ ٽينڪر مافيائن خلاف قدم کڻي شهرين کي مٺي پاڻي فراهم ڪيو وڃي.
رپورٽ : هاشم شر

هي به ڏسي سگهو ٿا

رپورٽ: اپٿورو: مختلف شعبن ۾ ڪاميابي ماڻيندڙن کي مڃتا ايوارڊ ڏنا ويا

پٿوري ۾ سڄاڻ ڌرين پاران تقريب ڪوٺائي مختلف مڪتب فڪر جي ماڻهن کي مڃتا ايوارڊ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے