11 منگل , دسمبر 2018

گڏيل قومن جي ڪميٽي ۾ حق خود اراديت جو پاڪستاني ٺهراءُ منظور

نيويارڪ ( ويب ڊيسڪ ) گڏيل قومن جي جنرل اسيمبليءَ جي ٽئين ڪميٽي پاڪستان جو ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪري ورتو آهي. خود اراديت جي حق جي حمايت ۾ ٺهراءَ کي رڪارڊ 83 ملڪن اسپانسر ڪيو ۽ ايندڙ مهيني منظوري لاءِ 193 رڪني جنرل اسيمبلي جي اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي. ٺهراءَ ۾ پرڏيهي قبضي خلاف جدوجهد ڪندڙن جي خود اراديت جي حمايت ڪئي وئي آهي ۽ ٻين ملڪن ۾ عير قانوني فوجي مداخلت فوري بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو. گڏيل قومن ۾ پاڪستاني سفير مليحا لوڌي چيو ته ٺهراءَ جي حمايت سان والاريل ڪشمير ۽ فلسطين جي عوام جي خود اردايت جي حق جي حمايت ڪئي وئي آهي جنهن سان دنيا جو ڌيان خود اراديت جي حق لاءِ جدوجهد ڪندڙن تي ٿي ويندو. هن چيو ته 83 ملڪن جي نمائندن اسپانسرشپ خود اراديت جي حق جي عالمي حمايت جي عزم جو اظهار ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته  پاڪستان هميشه حق خود اراديت جو جو زبردست حامي رهيو آهي، والاريل ڪشمير کان فلسطين تائين سمورن ماڻهن کي بنا فرق خود اردايت جو حق ملڻ گهرجي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Overseas Pakistanis to pay duty for bringing more than one cellphone: Chaudhry

سمنڊ پار پاڪستاني فون آڻي سگهن ٿا، اضافي فون تي ٽيڪس ڏيڻو پوندو: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ  واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے