18 پیر , فروری 2019

سبي: موٽر سائيڪل سوار هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٻه ڄڻا قتل، هڪ زخمي

سبني (ويب ڊيسڪ ) بلوچستان جي ضلعي سبي ۾ اڻڄاتل هٿياربندي جي فائرنگ ۾ ٻه ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته هڪ شخص جي زخمي هئڻ جا اطلاع آهن. شروعاتي اطلاعن موجب واقعو لوني روڊ تي پيش آيو جتي اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوارن فائرنگ ڪري ڏني. سخت فائرنگ کانپوءِ جوابدار فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. مارجي ويلن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن جتي سندن سڃاڻپ جو عمل جاري آهي. واقعي جا اطلاع ملندي ئي پوليس ۽ سيڪيورٽي  اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي ويا. شديد فائرنگ کانپوءِ علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙيل آهي، جڏهن ته جوابدارن جي ڳولا شروع ڪئي وئي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سعودي ولي عهد شهزادو محمد بن سلمان پاڪستان پهچي ويو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سعودي ولي عهد محمد بن سلمان ٻن ڏينهن جي تاريخي دوري تي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے