11 منگل , دسمبر 2018

نواز شريف العزيزيه ريفرنس ۾ دفاع پيش ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت فيصلو نه ڪري سگهيو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف العزيزيه ريفرنس ۾ دفاع پيش ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت فيصلو نه ڪري سگهيو. اسلام آباد ۾ احتساب عدالت جي جج ارشد ملڪ نواز شريف خلاف العزيزيه ۽ فليگ شپ ريفرنس جي ٻڌڻي ڪئي. نواز شريف العزيزيه ريفرنس ۾ دفاع پيش ڪرڻ يا نه ڪرڻ بابت فيصلو نه ڪري سگهيا. نواز شريف جي وڪيل خواجه عدالت کي درخواست ڪئي ته اڄ جاچ آفيسر تي آڏي پڇا ڪيون ٿا، خميس تي ميان صاحب بقايا بيان قلمبند ڪرائيندو. جج ارشد ملڪ رمارڪس ڏيندي چيو ته نواز شريف العزيزيه ۾ بيان مڪمل ڪري ها ته سٺو ٿئي ها، خميس تي ميان صاحب کي فاتحه خواني لاءِ وڃڻو پوندو ته واپس نه ايندو، جنهن تي خواجه حارث خاطري ڪرائي ته نواز شريف خميس تي عدالت ۾ پيش ٿيندو. ٻڌڻي دوران جج رمارڪس ڏيندي چيو ته منهنجو خيال هو ته  2 هفتا ملندا ته ان ۾ مڪمل ڪرڻ مشڪل ٿي وڃي ها، ٽن هفتن جو  وقت مليو آهي، ان مدي ۾ ٽرائل مڪمل ٿي ويندو، فليگ شپ ريفرنس ۾ نواز شريف جي بيان لاءِ سوال گهٽ هجن، ڪوشش ڪنداسين ته فليگ شپ ريفرنس ۾ 70، 75 سوال رکيا وڃن. آڏي پڇا دوران جاچ آفيسر محمد ڪامران چيو ته4 آگسٽ تي خط مان نه پر محمد واصف ڀٽي لکيو هو پر خط نيب کي موڪلڻ جي ڪارروائي مان شروع ڪئي، نيب غير تصديق ٿيل نقل فراهم ڪري ڇڏيا هئا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حددخلين خلاف آپريشن: عدالت مان انصاف جي اميد آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب حددخلين خلاف جاري آپريشن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے