11 منگل , دسمبر 2018

دنيا جي پرواهه ناهي، پنهنجي مفادن لاءِ ڪم ڪنداسين: شهريار آفريدي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) ممڪلتي گهرو وزير شهريار آفريدي چيو آهي ته پاڪستان سموري انسانيت لاءِ سڀ کان وڏي جنگ وڙهي رهيو آهي. اسلام آباد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي شهريار آفريدي چيو ته اسان کي نه ڏسڻو آهي ته دنيا ڇا چئي رهي آهي پر اسان کي پنهنجا مفاد ڏسڻا آهن. هن چيو ته  اسان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قربانيون ڏنيون آهن، نتيجا سامهون اچڻ گهرجن، هر حڪمران ۽ رياست کي پنهنجي سوچ ۽ ڳالهائڻ جي آزادي آهي. ممڪلتي گهرو وزير شهريار آفريدي چيو ته اسان کي دنيا ۽ انسانيت کي باور ڪرائڻو آهي ته اسان جون قربانيون ضايع نه ٿينديون، اسان کي اهو نه ڏسڻو آهي ته دنيا ڇا چئي رهي آهي پر اسان کي پنهنجا مفاد ڏسڻا آهن. هن چيو ته پي ايس ايل سميت سموري عالمي ڪرڪيٽ واپس پاڪستان ايندي، عالمي ڪرڪيٽ کي واپس آڻڻ حڪومت جي اوليت آهي، اسان ان لاءِ سمورا قدم کڻي رهيا آهيون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Overseas Pakistanis to pay duty for bringing more than one cellphone: Chaudhry

سمنڊ پار پاڪستاني فون آڻي سگهن ٿا، اضافي فون تي ٽيڪس ڏيڻو پوندو: فواد چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءَ  واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے