14 جمعہ , دسمبر 2018

اکين ۾ دوا داخل ڪرڻ لاءِ نوڪ دار پيوند تيار

سنگاپور(ويب ڊيسڪ)اکين بيشمار بيماريون لاحق ٿيندون آهن انهن ۾ ان لاءِ اکين اندر گهرائي تائين دوا جي رسائي ضروري هوندي آهي جنهن لاءِ ماهرن لينس نما هڪ پيوند تيار ڪيو آهي جيڪو هڪ باريڪ نوڪ دار آهي ۽ ان سان دوا  اکين جي گهرائي تائين لاهي سگهجي ٿي، ماهرن جي تحقيقي مطالعي موجب جيڪڏهن اکين ۾ نوڪ دار سئي هڻڻ هڪ عجيب عمل هوندو آهي، جئين ته ماهرن جو اصرار آهي ان نوڪدار پيوند سان اکين جي مرضن جي علاج جي انقلابي راهه کليندي، اسان ڄاڻيون ٿا ته قدرتي طور اکين تي ڪيتريون حفاظي جهليون ۽ پنبڻيون چڙهيل آهن جيڪي اسان کي بيمارين ۽ انفيڪشن کان محفوظ رکينديون آهن،  پر اکين جون ڪجهه بيماريون مثال طور سبز موتيا ۽ “ميڪيولر ڊي جنريشن” ۾ حفاظتي پنبڻيون ئي رڪاوٽ بڻجي وينديون آهن، اسان اکين ۾ قطرا وجهندا آهيون، يا گهڻي مجبوري ۾ اکين ۾ انجيڪشن به لڳرائيندا آهيون، ان ۾ فائدو به آهي  ۽ نقصان به آهي، ڊراپس گهرائي تائين ناهن ويندا ۽ اکين ۾ انجيڪشن خطري کان خالي ناهي هوندي، ان لاءِ هي باريڪ  نوڪ وارو پيوند تيار ڪيو ويو آهي، جنهن جي ذريعي اکين ۾ ضروري دوا شامل ڪري سگهجي ٿي، ان ۾ گهڻا باريڪ سئيون لڳل آهن جيڪي دوا اک ۾ لاهڻ سان پاڻ ختم ٿي وينديون آهن، بس دوا ڀرڻ کان پوءِ کليل اک تي رکي ان کي ٿورو دٻائڻو پوندو ته بغير ڪنهن خطري جي دوا اکين ۾ داخل ٿي ويندي،

هي به ڏسي سگهو ٿا

دنيا جو پهريون 48 ميگا پڪسل ڪئميرا وارو سمارٽ فون

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) دنيا جو پهريون 48 ميگا پڪسل ڪئميرا سان ليس سمارٽ فون تمام جلدي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے