22 جمعہ , فروری 2019

ڪوئيٽا ۾ بي آر اي ڪمانڊر سميت 70 ويڙهاڪن هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا

ڪوئيٽا ( ويب ڊيسڪ ) بلوچستان ۾ پابندي مڙهيل تنظيم بلوچستان ريپبلڪن آرمي جي ڪمانڊر 70 ساٿين سميت هٿيار ڦٽا ڪري ڇڏيا. ڪوئيٽا ۾ هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي تقريب ڪوٺائي وئي جنهن ۾ 70 ويڙهاڪ هٿيار ڦٽا ڪري قومي ڌارا ۾شامل ٿي ويا. هٿيار ڦٽا ڪندڙن ۾ پابندي مڙهيل تنظيم بلوچستان ريپبلڪن آرمي جي ڪمانڊر سميت 70 ويڙهاڪ  شامل آهن. هٿيار ڦٽا ڪرڻ جي تقريب ۾ سيڪٽر ڪمانڊر برگيڊيئر تصور ستار، سينيٽر سرفراز بگٽي، چنگيز مري ۽ انوار الحق ڪاڪڙ سميت ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪ فوج جو ترجمان سڀاڻي ڇا ڪندو….؟

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پاڪ فوج جي ترجمان ميجر جنرل آصف غفور سڀاڻي اهم پريس ڪانفرنس ڪندو. …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے