11 منگل , دسمبر 2018

انقلاب جا گيت سرجيندڙ شاعر فيض احمد فيض کي وڇڙئي 34 ورهيه وهامي ويا

Faiz Ahmed Faiz 34th Death Anniversaryڪراچي (رپورٽ ايس ايس ) انقلابي رومانس سان ڀرپور انساني آجپي جا گيت سرجيندڙ شاعر فيض احمد فيض کي مداحن کان  وڇڙئي 34 ورهيه وهامي ويا پر هو اڄ بھ  پنهنجي مداحن جي دلين ۾ دل بڻجي دڙڪي ٿو.

انقلابي رومانس سان ڀرپور انساني آجپي جا گيت سرجيندڙ شاعر فيض احمد فيض اردو ادب خاص ڪري شاعري هڪ اهم جاءِ والاري ٿو سندس روح جي گهرائن مان تخليق ڪيل شاعري هن ديس جي مظلوم عوام جو آواز بڻي اردو ٻوليءَ جي هن وڏي شاعر جو جنم پن ڇڻ جي مند ۾ فيبروري جي 13 تاريخ سال 1911ع تي پنجن درياهن جي ديس پنجاب جي شهر سيال ڪوٽ ۾ ٿيو. فيض احمد فيض هڪ ئي وقت اديب به هو ته ، دانشور به ،استاد به هو ته ، سپاهي به هو .

پر سندس مشهوري جو سبب سندس لازوال شاعري رهي آهي.فيض احمد فيض پنهنجي شروعاتي تعليم مشن هاءِ اسڪول مان حاصل ڪئي جڏهن ته ميٽرڪ مري ڪاليج سيالڪوٽ مان مڪمل ڪئي، جنهن بعد گورنمنٽ ڪاليج لاهور ۽ اورينٽل ڪاليج ۾ پڙهائي دوران عربي ۽ ايم اي پڻ ڪيائين فيض احمد فيض 1935 ۾ اي اي او ڪاليج امرتسر ۾ ليڪچرار جي حيثيت سان پهرين ملازمت اختيار ڪئي. 1942 ۾ فوج ۾ ڪيپٽن طور ڀرتي ٿيو ۽ 1943 ۾ ميجر ۽ وري 1944 ۾ ليفٽيننٽ ڪرنل جي عهدن تي ترقي ماڻي

1947۾ فيض احمد فيض فوج تان استعفيٰ ڏني، 1959ع ۾ پاڪستان آرٽس ڪونسل جو سيڪريٽري مقرر ٿيو ۽ 1962ع تائين ان عهدي تي ڪم ڪيائين ان کانسواءِ ادبي رسالن جهڙوڪ ادب لطيف ۽ هفتوار ليل و نهار جو ايڊيٽر ۽ چيف ايڊيٽر پڻ رهيو

فيض احمد فيض جنهن صدي ۾ جنم ورتو اها صدي سياسي انقلابن جي صدي هئي جنهن فيض احمد فيض تي پڻ تمام گهڻو اثر وڌو جيڪو اثر سندس شاعري ۾ پڻ نظر اچي ٿو

جو رڪي تي ڪوهه گران ٿي هم،

جو چلي تو جان سي گذر گئي

راهه يار هم ني قدم قدم تجهي يادگار بناديا

فيض احمد 1930 ۾ لبنان ڄائي ايلس سان پسند جي شادي ڪئي جيڪا پڻ تحقيق واري شعبي سان لاڳاپيل هئي ۽ فيض احمد جي شاعري ۽ شخصيت کان تمام گهڻو متاثر هئي

توني ديکي هي وه پيشاني و رخسار و هونٽ

زندگي جن ڪي تصور ۾ لٽا دي هم ني

9 مارچ 1951ع تي فيض احمد فيض کي روالپنڊي سازش ڪيس ۾ سهڪار ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪيو ويو . جنهن ۾ کيس چار سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي قيد دوران فيض احمد فيض ملڪ جي مختلف جيلن سرگودها، ساهيوال، حيدر آباد ۽ ڪراچي ۾ قيد هيٺ رهيو جنهن بعد کيس اپريل 1955 ۾ آزاد ڪيو ويو.

هم جيتين گي هم ايڪ دن جيتين گي،

قد جا الحق وزحق الباطل فرموده رب اڪبر،

هي جنت اپني پائون تلي

هم جيتين گي

فيض احمد فيض کي 1962ع ۾ سندس ادبي خدمتن عيوض روس جي سڀ کان وڏي اعزاز لنين ايوارڊ سان پڻ نوازيو ويو جنهن کانپوءِ فيض 1962ع کان 1964ع تائين انگلينڊ ۾ رهيو، جنهن کانپوءِ الجزائر، مصر، لبنان، شام، عراق، هنگري ۽ ٻين يورپين ملڪن ۾ منقعد ٿيندڙ عالمي ڪانفرسن ۾ پڻ شرڪت ڪندو رهيو. فيض احمد فيض 1983ع ۾ وطن واپس موٽي آيو ۽ لاهور ۾ مستقل رهائش اختيار ڪيائين فيض احمد فيض پنهنجي دور جو تمام وڏو شاعر هو سندس شاعري ۾ ڪلاسيڪي شعر جو تمام وڏو اثر رهيو آهي۽ اهو ئي سبب آهي جو ترقي پسند شاعري ۾ وڏي کيپ هئڻ باوجود به سندس شاعر جو معيار برقرار رهيو آهي

ڀولي سي مسڪرا ديئي ٿي وه آج فيض

مت پوڇ ولولي دل ناڪرده ڪار ڪي

اڌ صدي کان به وڌيڪ ادب جي خدمت ڪندڙ اردو ادب کي آسمان جي بلندين تائين پهچائيندڙ وطن جي مظلوم طبقي جا گيت ڳائيندڙ هن انقلابي شاعر جو روح 20 نومبر 1984ع تي سندس جسم مان پرواز ڪري ويو

دونون جهان تيري محبت ۾ هار ڪي

وه جا رهي هي ڪوئي شب غم گذار ڪي

ويران هي ميڪده خم و ساغر اداس هين

تم ڪيا گئي کي روٺ گئي دن بهار ڪي

سندس ڇپيل شعري جي مجموعن ۾ نقش فريادي، دست صبا، دست انگ، سروادي سينا، قرض دوستان، ميري دل ميري مسافر ۽ ساري سخن ماري شامل آهن،سندس سمورا ڇپيل ڪتاب نسخه هائي وفا جي نالي سان هڪ ئي جلد ۾ شايع ٿي چڪا آهن،سندس روح جي گهرائين مان تخليق ڪيل شاعري،اڄ به هن ديس جي مظلومن لاءِ، هڪ آٿت آهي، اتساهه آهي، آدرش آهي.سنڌ جو شعور، پنهنجي پوريءَ سچائيءَ سان،فيض احمد فيض جي ڏاهپ، ادبي تخليق،قابليت ۽ بهادريءَ کي مان ڏئي ٿو، فيض احمد فيض مستقبل جي انسانن جي،روح ۾ موجود رهندو هو ، هي انقلابي سدائين دلين جيان ڌڙڪندو رهندو، سندس نيڻن ۾ اڻيل انساني آجپي، جياپي ۽ واري سپني کي، سونهن ورني ساڀيان ضرور ملندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

حددخلين خلاف آپريشن: عدالت مان انصاف جي اميد آهي: مرتضيٰ وهاب

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڌ سماءَ واري صوبائي صلاحڪار مرتضيٰ وهاب حددخلين خلاف جاري آپريشن جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے