15 ہفتہ , دسمبر 2018

بجلي جي اگهن ۾ وڌيڪ اضافو نه ڪيو ويندو: عمر ايوب

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پاور ڊويزن واري وفاقي وزير عمر ايوب چيو آهي ته بجلي جي اگهن ۾ وڌيڪ اضافو نه ڪيو ويندو. اسلام آباد ۾ متبادل توانائي بورڊ جي انتظام هيٺ قابل تجديد توانائي پاليسي تي مشاورتي ورڪشاپ ٿيا جنهن ۾ وفاقي وزير پاور ڊويزن عمر ايوب به شرڪت ڪئي. ورڪشاپ کي خطاب ڪندي پاور ڊويزن واري وفاقي وزير عمر ايوب چيو ته دنيا ۾ قابل تجديد توانائي سستي ٿي رهي آهي، توانائي معيشت لاءِ لائف لائن آهي،  اسان کي سستي بجلي پيدا ڪرڻي آهي، اسان جي زراعت ۽ صنعت سميت گهريلو صارفين لاءِ سستي بجلي ضروري آهي. هن چيو ته بجلي جي پيداوار ئي نه پر پهچائڻ جي مسئلن کي به حل ڪري رهيا آهيون، اسان جو اين ٽي ڊي سي جو نظام ساڍا 19 هزار ميگا واٽ کان وڌيڪ بجلي کڻڻ جي قابل ناهي، ڏورانهن ٻهراڙي جي علائقن ۾ شمسي توانائي ذريعي بجلي فراهم ڪئي ويندي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان هڪ نه پر ٻن خسارن کي منهن ڏئي رهيو آهي، جنهن ۾ مالي ۽ جاري کاتن جو خسارو شامل آهي. عمر ايوب چيو ته اسان کي بجلي جا جيترا اگهه وڌائڻا هئا وڌائي ڇڏيا، جيڪا اگهه اسان وڌايا تنهن ۾ به 75 سيڪڙو عوام کي رليف فراهم ڪيو  ويو آهي، اسان زرعي صارفين ۽ برآمدي صنعتن کي رليف فراهم ڪيو آهي. هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ کي سسٽم جي بهتري لاءِ پنهنجي سيڙپڪاري وڌائڻ گهرجي، ڪي اليڪٽرڪ کي غفلت ۽ حادثن تي ڏنڊ به وڌو ويو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آصف زرداري سان اختر مينگل جي ملاقات، سياسي صورتحال تي ڳالهيون

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے