15 ہفتہ , دسمبر 2018

اقتصادي رابطا ڪميٽي 5 لک ٽن ڪڻڪ برآمد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) اقتصادي رابطا ڪميٽي 5 لک ٽن ڪڻڪ برآمد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ناڻي واري وزير اسد عمر جي صدارت هيٺ اقتصادي رابطا ڪميٽيءَ جو اجلاس ٿيو جيڪو اسد عمر جي پرڏيهه روانگي سبب مقرر وقت کان اڳ ختم ٿي ويو. اجلاس جلدي ختم ٿيڻ سبب غربت جي خاتمي لاءِ فنڊ جي رقم جي فراهمي، ڍوڪ حسين ۽ بٽرسم فيلڊ مان گئس جي فراهمي جي معاملي سميت ڪراچي ۾ ايل اين جي ٽرمينل جي اڏاوت مان پيدا ٿيل مسئلن تي غور ملتوي ڪيو ويو. اجلاس ۾ ڪمند جي قيمت ۽ کنڊ جي پيداوارلاڳت طئي ڪرڻ ۽ اسٽيل ملز جي مرحوم ملازمن جي وارثن جي بقايا جو معاملو به ملتوي ڪيو ويو.صنعتي ۽ گهريلو صارفين لاءِ گئس لوڊ مئنيجمينٽ پروگرام جي منظوري به ملتوي ڪئي وئي. اي سي سي اجلاس کانپوءِ جاري ڪيل پڌرنامي موجب اقتصادي رابطا ڪميٽي پنج لک ٽن ڪڻڪ برآمد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. ڪڻڪ پنجاب ۽ سنڌ مان برآمد ڪئي ويندي. صوبائي حڪومتون پنهنجي پنهنجي حصي جي برآمد ڪڻڪ تي سبسڊي ڏينديون جڏهن ته پاسڪو طرفان برآمد ڪڻڪ تي وفاقي حڪومت سبسڊي ادا ڪندي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آصف زرداري سان اختر مينگل جي ملاقات، سياسي صورتحال تي ڳالهيون

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) اڳوڻي صدر ۽ پ پ جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے