23 ہفتہ , فروری 2019

برطانوي پرڏيهي وزير ايران پهچي ويو، آمريڪي پابندين تي خيالن جي ڏي وٺ

تهران ( ويب ڊيسڪ ) برطانوي پرڏيهي وزير جيريمي هنٽ سرڪاري دوري تي ايران پهچي ويو، ان دوران آمريڪي اقتصادي پابندين تي خاص ڳالهه ٻولهه ٿي. تفصيل موجب ايران جي دوري جي موقعي تي برطانوي پرڏيهي وزير جيريمي هنٽ ايراني هم منصب جواد ظريف سان ملاقات ڪندو ۽ آمريڪي پابندين تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي.پرڏيهي خابرو اداري موجب تازو آمريڪي پابندين جي نفاذ کانپوءِ جيريمي هنٽ ڪنهن اولهه واري ملڪ جو پهريون پرڏيهي وزير ايران جو دروو ڪري رهيو آهي.  برطانوي پرڏيهي وزير ان دوري دوران پنهنجي ايراني هم منصب محمد جواد ظريف کانسواءِ ٻين اعليٰ حڪومتي اهلڪارن سان پڻ ملاقاتون ڪندو. برطانوي اختياريون طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ان دوري دوران جيريمي هنٽ ايراني حڪومت تي واضح ڪندو ته برطانيا جوهري معاهدو سان گڏ پنهنجي ڪمٽمنٽ پوري ڪرڻ جو عزم رکي ٿو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج هٿان وڌيڪ هڪ ڪشميري شهيد

سري نگر)ويب ڊيسڪ)ضلعي سوپور ۾ ڀارتي فوج آپريشن دوران وڌيڪ هڪ ڪشميري کي شهيد ڪري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے