14 جمعہ , دسمبر 2018

آءِ سي سي ٽيسٽ رينڪنگ: شروعاتي 10 بهترين بيٽسمينن ۾ هڪ به پاڪستاني شامل نه

دبئي ( اسپورٽس نيوز ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪونسل( آءِ سي سي ) نئين ٽيسٽ رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي جنهن موجب پاڪستان جو ڪو به بيٽسمين شروعاتي 10 بهترين بيٽسمينن ۾ شامل ناهي جڏهن ته بالنگ جي شعبي ۾ محمدعباس ٽئين نمبر تي موجود آهي. نئين آءِ سي سي ٽيسٽ رينڪنگ ۾ بيٽنگ جي شعبي ۾ ڀارتي ڪپتان ورات ڪوهلي 934 پوائنٽن سان سرفهرست جڏهن ته هڪ سال جي پابندي کي منهن ڏيندڙ اڳوڻو آسٽريلوي ڪپتان اسٽيو سمٿ 910 پوائنٽن سان ٻئي نمبر تي موجود آهي. نيوزيلينڊ جي ڪپتان ڪين وليمسن جو ٽئين پوزيشن تي قبضو آهي، انگلش ڪپتان جو روٽ 827 پوائنٽن سان چوٿين، پابندي جو شڪار آسٽريلوي اوپنر ڊيوڊ وارنر پنجين، ڀلوڙ ڀارتي بيٽسمين جيٽشور پجارا ڇهين نمبر تي موجود آهي، سريلنڪن اوپنر ڪرونارتني جي 740 پوائنٽن سان ستين پوزيشن آهي، ڏکڻ آفريڪي اوپنر ڊين ايلگر اٺين جڏهن ته ڏکڻ آفريڪا جو ئي مارڪرم جو نائين نمبر تي موجود آهي، ان فهرست ۾ ڏهون نمبر سريلنڪن بيٽسمين چنديمل آهي.

 

. بالنگ جي شعبي ۾ جيمز انڊروسن بدستور پهرين پوزيشن تي موجود آهي، ڏکڻ آفريڪا جي ڪگيسو راباڊا ٻئين ۽ پاڪستان جي محمد عباس جي ٽئين نمبر تي موجود آهن، ڏکڻ آفريڪي فاسٽ بالر فلينڊر جي ڇوٿين پوزيشن آهي، ڀارتي اسپنر رويندرا جديجا پنجين، ڪيوي پيسر ٽرنٽ بولٽ ڇهين، ڪينگروز فاسٽ بالر پيٽ ڪميونس ستين، جڳ مشهور ڀارتي اسپنر روي چندرن ايشون اٺين، ويسٽ انڊين ڪپتان جيسن هولڊر نائين جڏهن ته ڪيوي فاسٽ بالر نيل والگنر جي ڏهين پوزيشن آهي.

جڏهن ته ياسر شاهه ترقي ماڻيندي ڪندي 19 هين پوزيشن حاصل ڪري ورتي آهي.

آل رائونڊرن جي رينڪنگ ۾ بنگلاديشي آل رائونڊرن شڪيب الحسن پهرين، ڀارت جو جديجا ٻي ۽ ويسٽ انڊيز جو ڪپتان جيسن هولڊر ٽئين پوزيشن موجود آهي،  جڏهن ته پاڪستان جو ڪو به آل رائونڊر شروعات 20 بهترين آل رائونڊرن ۾ شامل ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

وڏي ڀاءَ جي منصوبن جي آڊٽ تي ننڍي ڀاءُ کي ويهارڻ غلط آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڌُ سماءَ واري وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته وڏي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے