11 منگل , دسمبر 2018

حددخلين جي خاتمي باوجود سرڪلر ريلوي جي بحالي ممڪن ناهي: سعيد غني

ڪراچي( ويب ڊيسڪ ) مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سعيد غني چيو آهي ته سرڪلر ريلوي کي هلائڻ لاءِ فنانس به هڪ مسئلو آهي، حددخليون ختم به ٿي وڃن پوءِ به سرڪلر ريلوي کي فوري طور بحال نه ٿو ڪري سگهجي.  ڪراچيءَ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني چيو ته سپريم ڪورٽ جي حڪم تي حددخلين جو خاتمو ڪيو پيو وڃي، ماڻهن نالن ۽ مارڪيٽن تي قبضا ڪيا هئا،  سرڪلر ريلوي تان حدخلين جو خاتمو اسان ماضي ۾ شروع ڪيو هو،  متاثرن جي ٻيهر بحالي جي تيار ڪئي، ريلوي پاڻ لکي ڏنو ته  جيڪا زمين سنڌ سرڪار خالي ڪرائيندي اها في الحال محفوظ رکڻ جي ريلوي وٽ طاقت ناهي تنهن ڪري اهو ڪم ريلوي پاڻ بند ڪرايو.  هن چيو ته سرڪلر ريلوي کي هلائڻ لاءِ رڳو حددخليون مسئلو ناهي،ان کي هلائڻ لاءِ فنانس به هڪ مسئلو آهي، جڏهن ته حددخليون ختم به ڪيون وڃن ته سرڪلر ريلوي کي فوري طور بحال نه ٿو ڪري سگهجي. سعيد غني چيو ته پريشاني جي ڳالهه اها آهي ته عمران خان چيو ته وڏي اڳواڻ جي سڃاڻپ يوٽرن وٺڻ آهي، ڪٿي ائين نه ٿي ته هن معاملي تي به يوٽرن ورتو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

پاڪستان ڄائو ساجد جاويد ٿريسامي جي مقابلي ۾ برطانوي وزير اعظم جي ڊوڙ ۾ شامل

لنڊن(ويب ڊيسڪ) برطانوي وزير اعظم ٿريسامي کي بريگزٽ ڊيل جي حوالي سان پارليامينٽ ۾ ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے