13 جمعرات , دسمبر 2018

راکي ساونت، تنوشري دتا کان معافي وٺي ڇڏي

ممبئي (شوب نيوز)بالي ووڊ جي آئٽم گرل راکي ساونت اداڪارا تنوشري دتا کان معافي گهري ورتي آهي، جڏهن ته بالي ووڊ ۾“مي ٽو”مهم شروع ڪرڻ واري اداڪارا تنوشري دتا ۽ راکي ساونت وچ ۾ ڪيترن ڏينهن کان لفظي گولا باري جاري آهي، ٻنهي جي وچ ۾ جنگ ايتري شدت اختيار ڪري چڪي آهي جو ڪجهه ڏينهن پهريان راکي ساونت کي هڪ عورت ريسلر کڻي زمين تي ڦٽو ڪيو هو ۽ ان جو الزام به راکي تنوشري دتا تي مڙهيندي چيو هو ته تنوشري ريلسر کي منهنجي خلاف سُپاري ڏني آهي، راکي ساونت جي الزام تي تنوشري دتا سخت رد عمل ڏيندي چيو هو ته جيستائين راکي ساونت ان کان معافي نٿي وٺي تيستائين هو چرچ نه ويندي، راکي ساونت  تنوشري جي ان شرط کي مڃيندي ان کان معافي گهري ورتي آهي، راکي ساونت اسٽاگرام تي هڪ ويڊيو پيغام جاري ڪيو آهي جنهن ۾ راکي ساونت چيو ته تنوشري دتا مان توهان سان سڀني جيهڙن کي وساري معافي گهران  ٿي،  جيڪو ٿيو اسان کي اهو وسارڻ گهرجي ۽ نئي شروعات ڪرڻ  گهرجي، منهنجي لاءِ سڀ کان وڌيڪ اهميت خدا جي آهي، ان سان گڏ هي راکي ساونت، تنوشري سان تمام جيهڙن کي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو،

هي به ڏسي سگهو ٿا

Anushka Sharma has not signed Sanjay Leela Bhansali’s next, spokesperson denies rumours

انوشڪا، سلمان سان گڏ سنجي ليلا ڀنسالي جي فلم ۾ڪم ڪرڻ واريون خبرون رد ڪري ڇڏيون

ممبئي ( شوبز نيوز ) بالي ووڊ انڊسٽري مان افواهون اچي رهيون هو ته اداڪارا …