15 ہفتہ , دسمبر 2018

فوٽو گرافر طرفان ڀاڄائي چوڻ تي دپيڪا پڊوڪون ٻهڪي پئي

ممبئي(شوبز نيوز) دپيڪا پڊوڪون ۽ رنوير سنگهه تي ٻڌل بالي ووڊ جو دلڪش جوڙو گذريل هفتي اٽلي ۾ شادي جي ٻنڌڻ ۾ ٻڌجي ويو هو، هي جوڙو هاڻي پنهنجي شادي جي پهرين ڀليڪار جي تقريب لاءِ ممبئي کان بئنگلور روانو ٿي ويو آهي، ممبئي ايئرپورٽ کان روانو ٿيندي دپيڪا ۽ رنوير خوب تصويرون ڪڍرايون، ان موقعي تي فوٽو گرافر دپيڪا کي ڀاڄائي چئي پڪاريو ۽ رنوير سنگهه کي “رنوير بابا” چئي مخاطب ٿيو، ان ويڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته دپيڪا“ بهابهي جي” ٻڌي خوشي مان مسڪرايو ، بئنگلور روانگي جي موقعي تي ٻهي کي اڇي رنگ جو جوڙو پهريل هو، دپيڪا پڊوڪون کي اڇي رنگ جو فراڪ پاتل آهي جنهن سان گڏ ڳاڙو ۽ سنهري چوڙيون ۽ چاندي جون واليون پاتل آهن، ان سان گڏ ڳچي ۾ ننڍو لاڪيٽ نظر اچي رهيو آهي، ٻئي طرف رنوير سنگهه اڇي رنگ جو ڪڙتو ۽ ان مٿان فلورل(پهلودار)واسڪوٽي ۾ نظر اچي رهيو آهي، ٻنهي جي شادي جي پهرين ڀليڪار جي تقريب سڀاڻي بنگلور ۾ رٿيل آهي جنهن دپيڪا ۽ رنوير جا دوست ۽ رشتيدار شريڪ ٿيندا، جڏهن ته بالي ووڊ جا ڪجهه اسٽارن جي شرڪت جي اميد آهي،  شادي جي ڀليڪار جي ٻئي تقريب 28 نومبر تي ممبئي ۾ رکي ويندي جنهن ۾ بالي ووڊ جي مشهور ستارن جي شرڪت جو يقين آهي،

هي به ڏسي سگهو ٿا

خان جو مقابلو خان سان: سلمان ۽ فواد بهترين قرار

ڪراچي ( شوبز نيوز ) عيدالفطر تي پاڪستاني سئنما ۾ سلمان خان جي فلم ڀارت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے