11 منگل , دسمبر 2018

پاڪستان مذهب جي توهين خلاف عالمي ٺهراءُ پيش ڪندو: وزيراعظم عمران خان

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان مذهب جي توهين خلاف عالمي ٺهراءُ پيش ڪندو،  اظهار جي آزادي جي آڙ ۾ دنيا جي سوا ارب مسلمانن جي جذبن کي ڌڪ نه ٿو پهچائي سگهجي.  ٻن ڏينهن جي عالمي رحمت اللعالمين ڪانفرنس کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته الله انسانن کي هڪ مقصد لاءِ پيدا ڪيو آهي،  نبي ڪريم صلعي الله عليه واله وسلم کي رحمت اللعالمين جو خطاب ڏنو. هن چيو ته ڪجهه سالن کانپوءِ اولهه جي ملڪن ۾ نبي ڪريم جي شان ۾ گستاخي ڪئي ويندي آهي جنهن سان مسلمانن جا جذبا مجروح ٿيندا آهن کين اهڙي عمل کان روڪڻ لاءِ عالمي ڪنوينشن آن پريوينٽنگ دي ڊيفرميشن آف رليجنز ڪنوينشن آڻي رهيا آهيون. سندس چوڻ هو ته مختلف ملڪن سان اهڙي ڪنوينشن تي صحيحون ڪرائينداسين ته اظهار جي آزادي جي نالي يا ان جي آڙ وٺي سوا ارب مسلمانن کي تڪليف نه ٿي پهچائي سگهجي. وزيراعظم عمران خان چيو ته اهڙي مقصد لاءِ مان قانون جي ماهر احمر بلال صوفي کي پنهنجو عالمي نمائندو مقرر ڪيو آهي ۽ کيس ذميواري سونپي آهي ته هو مختلف ملڪن ۾ وڃي ان ڪنوينشن تي صحيح ڪرائي ته جيئن مسلمانن کي تڪليف پهچائڻ کي روڪڻ کي قانوني حيثيت ملي وڃي.  وزيراعظم عمران خان چيو ته اولهه جي ملڪن کي نبي ڪريم  بابت خبر ئي ناهي، هو سندن شان ۾ گستاخي ڪندا آهن ته مسلمانن کي ڪاوڙ اچي ويندي آهي ۽ ماڻهو روڊن تي نڪرندا آهن ۽ پنهنجي ئي ملڪ ۾ ڀڃ ڊاهه ڪندا آهن، اهڙي عمل سان کين واويلا ڪرڻ جو موقعو ملي ويندو آهي ته اسلام ڏڦيڙ پکيڙيندو آهي. هن چيو ته  اسان جا اسڪالر عوام کي ٻڌائين ته حضور اڪرم سڀ کان پهرين انسانن جي ڪردار کي تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پاڪستان هڪ عظيم ملڪ تنهن وقت ٺهندو جڏهن اسان پاڻ کي تبديل ڪنداسين.  سندس چوڻ هو ته اسان جي نئين حڪومت آئي ته هالينڊ ۾ گستاخ خاڪن جو مقابلو ڪرايو ويو پر اسان سندن وزير سان ڳالهايو ۽ پهريون ڀيرو اهڙو مقابلو ملتوي ڪرايو ويو.  وزيراعظم عمران خان چيو ته اسان مقابلي کي او آءِ سي ۾ به اٿاريو ۽ اتي ڳالهايو ته سڀني کي گڏجي اولهه کي اها ڳالهه ٻڌائڻ گهرجي ته نبي ڪريم اسان لاءِ ڪيترو احترام جوڳو آهي، اسان گڏيل قومن ۾ به اهو معاملو اٿاريو جنهن جي تائيد ڪئي وئي. هن چيو ته انڊونيشيا ۽ ملائيشيا ۾ ڪابه فوج نه وئي پر مسلمانن واپار ويا جن جي ڪردار کي ڏسي اتان جا ماڻهو مسلمان ٿيا، هندستان ۾ مسلمانن اسلام پکيڙيو. هن چيو ته اڄ بل گيٽس ۽ اسٽيو جابز تي لکيل ڪتاب پڙهيا ويندا آهن ته اهي ڪئين ڪامياب ٿيا، حضور اڪرم جي زندگي تي لکيل ڪتاب پڙهڻ گهرجي جنهن سموري دنيا کي تبديل ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

سي پيڪ سڌي ريت پرڏيهي سيڙپڪاري جو بهترين نمونو آهي: چيني سفير

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ مقرر چينيڌ سفير يائو جنگ چيو آهي ته سي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے