10 پیر , دسمبر 2018

طاهر داوڙ قتل ڪيس جي جي آءِ ٽي جي سربراهه کي تبديل ڪيو ويو

پشاور ( ويب ڊيسڪ ) ايس پي طاهر داوڙ قتل ڪيس جي جاچ لاءِ جوڙيل جي آءِ ٽي کي سربراهه کي تبديل ڪيو ويو آهي. چيف ڪمشنر اسلام آباد پشاور پوليس جي ايس پي طاهر داوڙ جي قتل جي جاچ لاءِ جي آءِ ٽي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو هو جنهن جي سربراهي ايس پي سي آءِ گلفام ناصر کي سونپي وئي جڏهن ته جي آءِ ٽي ۾ حساس ادارن جا آفيسر به شامل آهن.  ذريعن موجب طاهر داوڙ قتل ڪيس جي جاچ ڪندڙ گڏيل جاچ ٽيم جي سربراهه کي تبديل ڪيو ويو آهي. جي آءِ ٽي جي سربراهي هاڻي ايس پي سي آءِ گلفام ناصر کان وٺي ڊي آءِ جي آپريشن فيصل راجا سونپي ڪئي وئي آهي. ڪي پي جو ايس پي طاهر داوڙ اسلام آباد جي علائقي جي ٽين مان 26 آڪٽوبر تي گم ٿيو جنهن جو لاش افغانستان جي صوبي ننگر هار مان مليو ۽ پرڏيهي آفيس سندس شهادت جي تصديق ڪئي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

لاهور هاءِ ڪورٽ جو وضو جو پاڻي ٻوٽن کي ڏيڻ جو حڪم

لاهور(ويب ڊيسڪ) هاءِ ڪورٽ پاڻي محفوظ ڪرڻ واري هڪ درخواست جي ٻڌڻي دوران انتظاميا کي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے